Isteqmat Kamyabi Ka Raaz Hai

Book Name:Isteqmat Kamyabi Ka Raaz Hai

اسلام جي سَربُلندي لاءِ ڪهڙيون ڪهڙيون قربانيون ڏنيون، طرح طرح جي تڪليفن کي برداشت ڪيو، پر پوءِ به انهن جي صبر و استقامت ۾ ڪا ڪمي نه آئي، اهو ئي سبب آهي جو صَديون گُذرڻ باوجود به انهن جي عظيم قُربانين ۽ ايمان تي ثابت قدمي جا چرچا اڄ به هر پاسي گونجي رهيا آهن۔  تنهنڪري اسان کي به گھرجي ته اسان صرف ڳالهيون ڪرڻ، فارغ ويهڻ، فُضوليات ۾ وقت وڃائڻ ۽ حِيلا بهانا ٺاهڻ جي بدران عملي طور تي انهن الله وارن جي نقشِ قدم تي هلون،.

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! سوچو ۽ دين جي ڪمن ۾ استقامت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو.

          ياد رکو! تاريخ شاهد آهي ته جن ماڻهن نيڪ عملن تي استقامت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته الله پاڪ انهن کي اهڙو مقام ۽ مرتبو عطا فرمايو  جو ڪنهن کي صحابي هئڻ جو مقام ۽ مرتبو نصيب ٿيو ته ڪنهن کي تابعين ۾ سڀ کان افضل هئڻ جو مقام مليو۔ ڪنهن کي تمام اوليائن جي سرداري نصيب ٿي ته ڪنهن کي پنهنجي وقت جو مجدِّد ٿيڻ جو منصب نصيب ٿيو۔ ڪنهن کي وقت جي امام ٿيڻ جو منصب مليو ته ڪنهن کي محدّث ٿيڻ جو منصب نصيب ٿيو ۽ قيامت تائين ايندڙن جي دلين ۾ انهن جي محبّت بيدار رهندي، اچو! الله وارن جي استقامت جا ڪجھ مختصر واقعا ٻڌون ٿيون: جيئن

      اَمِيرُالمومِنِين حضرتِ عثمانِ غنيرَضِىَ اللهُ عَنْه تلاوتِ قرآن تي اهڙي استقامت حاصل ڪئي جو مڪمل قرآنِ ڪريم هڪ رڪعت ۾ پڙھندا هئا۔ (المستطرف،۱/۳۴)

      امامِ اعظمرَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه گھٽ ڳالهائڻ تي اهڙي استقامت حاصل ڪئي جو ڪڏهن دشمن جي به غيبت نه ڪئي۔ (تاريخ بغداد،الرقم۷۲۹۷،النعمان بن ثابت ابوحنيفة ، ۱۳/۳۶۱)       

      غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه نيڪ عملن تي اهڙي استقامت حاصل ڪئي جو 40