Isteqmat Kamyabi Ka Raaz Hai

Book Name:Isteqmat Kamyabi Ka Raaz Hai

سال تائين عشاء جي وضو سان فجر جي نماز ادا فرمائي۔ جڏهن به پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه بي وضو ٿيندا هئا ته انهيء وقت وضو ڪري (2) رڪعت نماز نفل پڙھي وٺندا هئا۔ (بهجة الاسرار،ذڪرطريقه،ص۱۶۴)

      حضرت اسوَد بن يزيد رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه هرروز هڪ هزار(1000) رڪعتون نفل پڙهندا هئا. بيهڻ کان عاجز ٿي ويندا ها ته ويهي پڙهندا ها.

      حضرت ڪهمس بن الحسن رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه روزانو هڪ هزار(1000) رڪعتون نفل پڙهندا ها ۽ پوءِ عاجزي ڪندي پنهنجي نفس کي مخاطب ڪندي فرمائيندا ها: اي برائين جي پاڙ اٿ! جڏهن پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه ضعيف ٿي ويا ته پنج سؤ(500) رڪعتن کان وڌيڪ نه پڙهي سگهندا ها ته روئندا ۽ فرمائيندا ها؛ ته افسوس منهنجو عمل اڌورو ٿي ويو.

      حضرت سيدنا امام احمد بن حنبل رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه شبِ بيداري ۽ گريه و زاري ڪندا هئا، روزانو 300 رڪعتون پڙهندا ها، پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه 5 حج ڪيا جنهن ۾ 3 حج پيدل به ڪيائين.

      حضرت اسوَد بن يزيد رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه علمي مشغوليتن جي باوجود روزانو700 رڪعتون پڙهندا هئا ۽ لڳاتار روزا رکندا هئا. ايسيتائين جو روزي ۽ عبادت جي ڪثرت ۽ شب بيداري جي مشقتن جي ڪري پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي بدن جو رنگ ڦڪو ۽ وري سائو ٿي ويو.

      حضرت ابو قلابه، حضرت عبدالملڪ رقّاشي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡهما روزانو چار سؤ(400) نفل ادا ڪندا هئا.

      حضرت بلال بن سعد بن تميم اشعري رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه روزانو هڪ هزار(1000) نفل پڙهندا هئا.

      حضرت ثابت بن اسلم بناني رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي پنجاھ(50) سالن تائين ڪڏهن