Isteqmat Kamyabi Ka Raaz Hai

Book Name:Isteqmat Kamyabi Ka Raaz Hai

جيڪو انهن تي نه ڪيو، ان کي بس هن ڳالھ کان سمجھي وٺو جو پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْها کي لوهي جي زِره پارائي سَخت اُس ۾ بيهاريو ويندو هو۔ (الاصابه،رقم۱۱۳۴۲، سميه بنت خباط،۸ / ۲۰۹۔ اسد الغابه،رقم۷۰۱۴،سميه ام عمار،۷/۱۶۷، ماخوذا)

اِستقامت دِین پر مجھ کو عطا فرمائیے

برائے آلِ یاسِر یانبی!

       پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ٿورو تَصَوُّر ڪريو! عَرب ۾ سج جي تمام گهڻي تَپِش ۽ وري لوھ جي لِباس ۾ حضرتِ سُمَيه رَضِىَ اللهُ عَنْهَا جو ڪهڙو حال هوندو، پر قُربان وڃجي! اسلام جي هن پهرين شهيده جي عَظَمَت ۽ اِستِقَامَت تي! سندن جي دل ۾ الله ۽ ان جي رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مَحَبَّت ان طرح گھر ڪري چڪي هئي جو ايتري سَخت تڪليفن جي باوُجود پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْهَا اسلام جو دامَن نه ڇڏيو، بلڪ ڄمي انهن مُشڪل حالتن جو مُقَابَلو ڪيو، پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْهَا جي ان صَبر ۽ اِستِقَامَت ۾ اسان لاءِ درس آهي۔

   پر افسوس! اڄوڪي دور ۾ اسان ننڍين ننڍين تڪليفن ۽ پريشانين جي ڪري دلبرداشته ٿي نيڪ عملن ۾ ثابت قدم نه رهنديون آهيون، ڪڏهن فرض ۽ واجبات ۾ سستي ڪنديون آهيون ته ڪڏهن ڪنهن جي ڳالھ ٻڌي نيڪي جي دعوت ڏيڻ جهڙي عظيم نيڪي کي ڇڏي ڏينديون آهيون، ڪڏهن رشتيدارن ۽ سَهيلين جي ڳالھين جي ڪري تلاوتِ قرآن جي عادت ڇڏي ڏينديون آهيون ته ڪڏهن گھر وارن جي ڳالهين سان دل ننڍو ڪري سنتن کان پري ٿي وينديون آهيون، مطلب ته في زمانه! سهيلين، گھروارن ۽ ٻين رشتيدارن جي ڳالهين جي ڪري اسان جي همت ٽٽي ويندي آهي، اسان نيڪ عملن ۽ سنتن کي ڇڏيندي نظر اينديون آهيون۔ اي ڪاش جو اسان کي نيڪ عملن تي استقامت حاصل ٿي وڃي۔ اچو! گڏجي دعا ڪريون ٿيون:

عبادت میں گزرے مِری  زندگانی                         کرم ہو کرم یا خُدا یا الٰہی!

(وسائلِ بخشش مُرمَّم،ص۱۰۵)