Book Name:Isteqmat Kamyabi Ka Raaz Hai
قيد ڪري پنهنجي بادشاھ اڳيان وٺي آيا ته بادشاھ چيو: توهان پنهنجي دين کي ڇڏي ڏيو، مان توهان کي پنهنجي بادشاهت ۾ شريڪ ڪندس، پنهنجي ڌيءُ جو نڪاح توسان ڪندس، ته حضرتِ عبدالله بن حُذَافَه رَضِىَ اللهُ عَنْه جواب ڏنو: جيڪڏهن تون پنهنجي سڄي بادشاهت به مون کي ڏئي ڇڏين، تڏهن به مان اک ڇنڀ برابر پنهنجي دين کان نه ڦرندس، ته ان غير مسلم بادشاھ چيو: پوء توهان کي قتل ڪندس، حضرت عبد الله بن حُذَافَه رَضِىَ اللهُ عَنْه جواب ڏنو: اهو تو کي اختيار آهي، ته بادشاھ جي حڪم تي تير اندازن پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه جي هٿ، پير ۽ جسم تي تير وسائڻ شروع ڪري ڇڏيا ۽ هر هر اهو چوندو رهيو ته اڃا به مهلت اٿئي پنهنجي دين کي ڇڏي ڏيو، پر صَبرو اِستقلال جي پيڪر، حضرت عبدُالله بن حُذافَه رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائيندا رهيا ڪڏهن به نه۔ نيٺ بادشاھ حڪم ڏنو: ان کي سوليءَ تان لاهيو ۽ پتل جي بڻيل ديڳ ۾ تيل وجھي باھ تي رکيو وڃي، جڏهن ديڳ ۾ تيل ٽهڪڻ لڳو ته بادشاھ هڪ مسلمان قيدي جي باري ۾ حڪم ڏنو ته ان کي ٽهڪندڙ تيل ۾ وجھي ڇڏيو۔ ته پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه جي سامهون ان مسلمان قيدي کي ٽهڪندڙ تيل ۾ وڌو ويو جنهن سان گوشت سڙي ويو ۽ هڏيون تيل ۾ ترڻ لڳيون۔ ان کان پوءِ بادشاھ ٻيهر حضرت عبدالله بن حُذَافَه رَضِىَ اللهُ عَنْه کي چيو: هاڻي اسان جو مذهب قبول ڪري وٺو، نه ته انهيء باھ جي ديڳ ۾ توکي به وجھي ساڙيو ويندو، پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه وري پنهنجي ايماني جوش سان ڪم وٺي فرمايو: مان پنهنجي دين کي هرگز نه ڇڏيندس۔ بادشاھ حڪم ڏنو: انهن کي هن ٽهڪندڙ تيل ۾ وجھي ڇڏيو،
جڏهن پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه کي باھ جي ديڳ ۾ وجھڻ جي لاءِ کنيو ويو ته پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه جي اکين مان لڙڪ وهي رهيا هئا، بادشاھ اهو ڏسي چيو ”انهن کي مون وٽ آڻيو“۔ شايد باھ کي ڏسي هاڻي ان جا خيالات بدلجي وڃن ۽ منهنجي ڳالھ مڃي وٺي، پر بادشاھ جي اها تمنا ۽ سوچ بي فائده نڪتي۔ ڇوته پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمايائون: مان باھ جي ڊپ کان ناهيان روئي رهيو، بلڪ مان ته ان ڪري روئي رهيو آهيان جو هاءِ! اڄ هڪ ئي جان آهي، جنهن کي راھ خُدا ۾ قُربان