Isteqmat Kamyabi Ka Raaz Hai

Book Name:Isteqmat Kamyabi Ka Raaz Hai

ڪري رهيو آهيان، ڪاش جو منهنجي جسم جي هر هر حصي ۾ هڪ هڪ جان هجي ها ۽ اهي سڀئي جانيون مان راھِ خُدا ۾ هڪ هڪ ڪري قربان ڪيان ها۔ (تفسير ابن ڪثير، پ۱۴، النحل،تحت الاية:۱۰۶، ۴/۵۲۱)

تِرے نام پر سر کو قربان کر کے                              تِرے سر سے صدقہ اتارا کروں میں

یہ اِک جان کیا ہے اگر ہوں کروروں                        ترے نام پر سب کو وارا کروں میں

(سامانِ بخشش،ص۱۵۲)

 پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اوهان ٻڌو ته حضرت عبدُالله بن حُذَافَه رَضِىَ اللهُ عَنْه ايمان تي اِستقامت جو ڪيترو زبردست مظاهرو ڪيو، ٿورو سوچيو! جڏهن جسم تي تير وسايا پئي ويا، هٿ، پير ۽ جسم کي زخمن سان ڦٽيو پئي ويو، نگاهن جي اڳيان باھ تي ٽهڪندڙ تيل ۾ ڪنهن کي وڌو پئي ويو ته دنيا جو وڏي کان وڏو طاقتور انسان به شايد ثابت قدم نه رهي سگھي، پر قُربان وڃجي! حضرت عبدُالله بن حُذَافَه رَضِىَ اللهُ عَنْه جي اِستقامت تي جو جنهن ۾ ذري برابر به ڪا ڪمي نه آئي، نه انهن غير مسلمن جون ڌمڪيون کيس کي ڊيڄاري سگھيون، نه ئي قيد و بند جون تڪليفون ايمان کان ڦيرائي سگھيون۔ حق ۽ صَدَاقت جو پيڪر مصيبتن جي ڪارن ڪارن ڪڪرن کان بالڪل نه گھٻرايو، خُدا ۽ مصطَفٰي سان سچي محبت ڪرڻ واري سچي عاشق دنيا جي آفتن جي بلڪل به پرواھ نه ڪئي.  بلڪ هن راھ ۾ پهچڻ واري هر مصيبت جو خوش دلي سان خير مقدم ڪيائون، دنيا جي مال ۽ حُسن و جمال جو لالچ به سندن جي استقامت ۾ ڪا ڪمي نه آڻي سگھيو جو پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه اسلام جي خاطر دنياوي راحتن کي ٺوڪر هنئي ۽ بادشاھ کي عشق و محبّت سان ڀرپور اهڙو خوبصورت جواب ڏنائون جو ”هيءَ ته هڪ جان آهي جيڪڏهن منهنجي جسم جي هر هر حصي ۾ هڪ هڪ جان هجي ها ته به انهن کي راھ خدا ۾ قربان ڪيان ها“ جنهن کي ٻڌي بادشاھ به حيران ۽ پريشان ٿي ويو۔

      پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اوهان ٻڌو ته انهن الله وارن کي دين ۽