Isteqmat Kamyabi Ka Raaz Hai

Book Name:Isteqmat Kamyabi Ka Raaz Hai

اِنَّ الَّذِیْنَ قَالُوْا رَبُّنَا اللّٰهُ ثُمَّ اسْتَقَامُوْا تَتَنَزَّلُ عَلَیْهِمُ الْمَلٰٓىٕكَةُ اَلَّا تَخَافُوْا وَ لَا تَحْزَنُوْا وَ اَبْشِرُوْا بِالْجَنَّةِ الَّتِیْ كُنْتُمْ تُوْعَدُوْنَ(۳۰) (پ۲۴، حم السجدة:۳۰)

ترجمو ڪنز الايمان: بيشڪ اهي جن چيو اسان جو رب الله آهي پوءِ ان تي قائم رهيا انهن تي ملائڪ لهندا آهن هي ته نه ڊڄو ۽ نه غمگين ٿيو ۽ توهان کي خوشخبري هجي جنت جي جنهن جو توهان سان واعدو ڪيو ٿي ويو

      تفسيرِصراطُ الجنان ۾ آهي: بيشڪ اهي ماڻهو جن الله پاڪ جي ربّ هئڻ جو ۽ ان جي وحدانيت جو اقرار ڪندي چيو ته اسان جو ربّ صرف الله پاڪ آهي، پوءِ اهي ان اقرار ۽ ان جي تقاضائن تي ثابت قدم رهيا انهن تي الله پاڪ جي طرفان ملائڪ لهندا آهن ۽ انهن کي اها بشارت ڏيندي چوندا آهن ته توهان آخرت ۾ پيش ايندڙ حالات کان نه ڊڄو ۽ اهل و عيال وغيره مان جيڪو ڪجھ پوئتي ڇڏي آيا آهيو ان جو غم نه ڪيو ۽ ان جنّت تي خوش ٿي وڃو جنهن جو توهان کان دنيا ۾ الله پاڪ جي رسولن جي مقدّس زبانن سان واعدو ڪيو ويندو هو۔ (تفسير صراط الجنان،پ۲۴،حم السجده،تحت الآية:۳۰،۸/۶۳۱)

اِستقامت دِین پر مجھ کو عطا فرمائیے                             اِستقامت دِین پر مجھ کو عطا فرمائیے

برائے آلِ یاسِر یانبی!                                                برائے آلِ یاسِر یانبی!

      پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! بيان ڪيل آيت سڳوري مان اِستقامت جي فضيلت ۽ اهميت معلوم ٿي، ڇوته استقامت ماڻڻ وارن ايمان وارن تي ربِّ ڪريم جا ملائڪ نازل ٿيندا آهن،  استقامت ماڻڻ واري اسلامي ڀيڻ ئي زندگي جي هر شعبي ۾ ترقي حاصل ڪندي آهي۔ استقامت ماڻڻ واري اسلامي