Siddiq K Liay Khuda Aur Rasool Bus

Book Name:Siddiq K Liay Khuda Aur Rasool Bus

جمادي الاُخري جي مهيني جي 19 تاريخ تي ملهايو ويندو آهي، تنهنڪري انهيء مناسبت سان پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جو به ڪجھ ذڪرِ خير ٻڌون ٿيون، اي ڪاش انهن بزرگن جي عظيم تذڪري جي صدقي اسان جي اندر به دين جي خدمت جو جذبو پيدا ٿي وڃي۔

حضرت ملڪ العلماء سَيد محمد ظفرُ الدين بهاري قادري رضوي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه حضور غوثِ اعظم شيخ عبدُ القادر جيلاني رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي نوراني اولاد مان آهن۔ پنهنجي وقت جا ممتاز عالمِ دين، زبردست مفتي، بي مثال مصنف، ماهر مدرس، اسلامي دانشور، بهترين استاد، صوفِي باصفا، وقت جا ولي ۽ پيرِ طريقت هئا۔ پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه ڪيئي علوم ۾ مهارت رکندا هئا۔ سندنرَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه کان کوڙ ماڻهن علم جو فيض حاصل ڪيو آهي۔ پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي حيات تي لکيل ڪتاب ”حيات ملڪ العلماء“ ۾ آهي: پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه هندوستان جي انهن عالمن ۽ مصنفن مان هئا جن جي علمي شهرت پري پري تائين هئي ۽ جن جي ڪتابن سان پاڪ و هند جا رهواسي وڏي تعداد ۾ مستفيد ٿيا۔ پاڻ مضبوط علمي صلاحيت رکندڙ ڪامياب ۽ شفيق استاد، علمي تقرير ڪندڙ، دل نشين ڳالهيون ڪندڙ موثر واعظ، پنهنجي علم ذريعي بدمذهبن کي لاجواب ڪندڙ مناظر ۽ پنجاھ کان وڌيڪ ڪتابن جا نامور مصنف هئا، جن جي تاليفات وتصنيفات جو دائرو وسيع هو ۽ ڪيئي علوم و فنون تي مشتمل هو. (حیات ملک العلماء، ص ۷ ملتقطا)  سندن تاليفات ۽ تصنيفات جو تعداد 70 کان وڌيڪ آهي تصانيف جو سلسلو ڪم و بيش 50 سال تائين جاري رکيائون، پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه حديث، اصولِ حديث، فقه ، اصولِ فقه، تاريخ ، سيرت، فضائل، مناقب، اخلاق، نصائح، صرف، نحو، منطق، فلسفه، ڪلام، هيئت، توقيت (يعني نماز، روزو ۽ سحر و افطار وغيره جي لاءِ وقت بيان ڪرڻ جي علم)، تڪسير ۽ مناظري وغيره علوم تي مشتمل ڪتاب لکيا۔  (حیاتِ ملک العلماء، ص ۱۷ماخوذا)

 پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه محبتِ رسول ۾ سرشار رهندا هئا، گھڻين ديني مصروفيتن