Siddiq K Liay Khuda Aur Rasool Bus

Book Name:Siddiq K Liay Khuda Aur Rasool Bus

جي باوجود پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جو گھڻو وقت وظائف و اوراد ۽ يادِ الٰهي جي لاءِ مخصوص هو۔ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه پنهنجي هن هونهار شاگرد جي لاءِ بارگاھ الٰهي ۾ شعريه انداز ۾ هن طرح دعا گھرن ٿا:

میرے ظفر کو اپنی ظفر دے                           اس سے شکستیں کھاتے یہ ہیں

 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

وصالِ پُرملال

ملڪ العلماء مولانا ظفرُ الدين بهاري رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه وڏي عرصي کان بلڊ پريشر جي مرض ۾ مبتلا هئا ۽ نهايت ڪمزور ٿي ويا هئا۔ پر سندن عبادت و رياضت ۾ ڪڏهن ڪا ڪمي نه آئي، نه سندن جي روزانه جي معمولات ۾ ڪو فرق آيو۔ زندگي جي آخري ڏينهن تائين علمي ۽ ديني فرائض حسبِ معمول انجام ڏيندا رهيا۔ سومر جي رات 19 جمادي الاُخريٰ 1382 هجري بمطابق 18 نومبر 1962 عيسوي تي بلند آواز سان ذڪرِ،  الله الله ڪندي هن طرح وصال فرمايائون جو ڪجھ دير تائين گھروارن کي هن ڳالھ جو احساس به نه ٿيو ته سندن وصال ٿي ويو آهي، ٻئي ڏينهن حضرت شاھ محمد ايوب شاهدي رشيدي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه سجاده نشين خانقاه اسلام پور ضلع پٽنه، جن سان پاڻ کي فردوسي، شطّاري، سهروردي ۽ ڪجھ ٻين سلسلن ۾ خلافت ۽ اجازت حاصل هئي،   اهي اتفاق سان تشريف وٺي آيا ۽ انهن ئي ملڪ العلماءرَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي نمازِ جنازه پڙھائي۔ (حیات ملک العلماء، ص ۱۶ملخصا) الله پاڪ سندن درجا بلند فرمائي ۽ انهن جي صدقي اسان جي بلاحساب مغفرت فرمائي۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿي، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي؛