Siddiq K Liay Khuda Aur Rasool Bus

Book Name:Siddiq K Liay Khuda Aur Rasool Bus

جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو.۔ ( مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

سلام ڪرڻ جون سنتون ۽ آداب

(1) مسلمان(محارم) سان ملاقات ڪرڻ وقت ان کي سلام ڪرڻ سنّت آهي۔ ]2[ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل بهار شريعت جلد 3 صفحي 469 تي لکيل مسئلي جو خلاصو آهي؛ ”سلام ڪرڻ وقت دل ۾ اها نيّت هجي ته جنهن کي سلام ڪري رهي آهيان ان جو مال ۽ عزت آبرو سڀ ڪجھ منهنجي حفاظت ۾ آهن مان ان مان ڪنهن شيء ۾ دخل اندازي ڪرڻ حرام سمجھان ٿي“

]3[ ڏينهن ۾ ڪيتري ڀيرا به ملاقات ٿئي، هڪ ڪمري کان ٻي ڪمري ۾ بار بار اچڻ وڃڻ ٿئي اتي موجود (محرم) مسلمانن کي سلام ڪرڻ ثواب جو ڪم آهي۔

]4[ سلام ۾ اڳرائي ڪرڻ سنّت آهي۔

]5[ سلام ۾ اڳرائي ڪرڻ واري تَڪَبُّر کان بري آهي

]6[ سلام (۾ اڳرائي) ڪرڻ واري تي 90 رحمتون ۽ جواب ڏيڻ واري تي 10 رحمتون نازل ٿين ٿيون۔ (جامع الصغير للسيوطي،الحديث 487 ص 36)

]7[ اَلسَّلَامُ عَلَیْکُمْ چوڻ سان 10 نيڪيون ملن ٿيون ۽ وَرَحْمَۃُ اللہِ به چونديون ته 20 نيڪيون ٿي وينديون ۽ وَبَرَکَاتُہ شامل ڪنديون سين ته 30 نيڪيون ٿي وينديون۔ ڪجھ اسلامي ڀينرون سلام سان گڏ جنّت المقام ۽ دوزخ الحرام جا الفاظ به وڌائينديون آهن اِهو غلط طريقو آهي.

]8[ سلام جو جواب جلدي ۽ ايڏي آواز سان ڏيڻ واجب آهي جو سلام ڪرڻ واري ٻڌي وٺي۔