Siddiq K Liay Khuda Aur Rasool Bus

Book Name:Siddiq K Liay Khuda Aur Rasool Bus

به هئا۔ اُنهن سڀني ماڻهن اهو کاڌو کاڌو ۽ قافِلي جي سڀني سَردارن ۽ تمام مهمانن جي جماعت ان کاڌي کي پيٽ ڀري  کاڌو  پر پوءِ به انهن ٿانون ۾ کاڌو ختم نه ٿيو۔( بخاری،کتاب المنا قب،باب علامات النبوۃ فی الاسلام،۲/۴۹۵، حدیث:۳۵۸۱ مختصرا، حجۃ اللہ علی العالمین، الخا تمۃ فی اثبات کرامات الاولیاء الخ ،المطلب الثالث فی ذکر جملۃ جمیلۃ. ..الخ ،۶۱۱)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ٻڌو اوهان ته حضرت صديقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه جي اها ڪهڙي نه زبردست ۽ ايمان افروز ڪرامت هئي، مهمانن سان گڏ کاڌو کائڻ ويٺا ته کاڌي ۾ ايتري قدر برڪت بلڪ ظاهري طور ايترو کاڌو وڌي ويو جو مهمانن به ان جو مشاهدو ڪيو ۽ پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه جي زوجه محترمه مهمانن جي پيٽ ڀري کائڻ جي باوجود پهريان کان ٽي ڀيرا وڌيڪ هئڻ جو قسم کنيو، ايستائين جو ٻارهن سردارن ۽ انهن سان گڏ ڪيئي سوارن تي مشتمل وفد جيڪو حضور نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ ۾ حاضر ٿيو ان وفد جي تمام ماڻهن به پيٽ ڀري ماني کاڌي پر ٿانوء ۾ ماني باقي بچيل رهي۔ اي عاشقانِ صحابه و اهلبيت! ياد رهي ته جتي اها حضرت صدّيقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه جي ڪرامت آهي اتي اها سرڪارِ مدينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو معجزو پڻ آهي۔ ڇوته امتي کان ظاهر ٿيندڙ ڪرامت حقيقت ۾ ان جي نبي جو معجزو هوندو آهي۔

ملڪ العلماء جو تعارف

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان حضرت صديقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه جي خدمتن ۽ واقعن جي باري ۾ ٻڌو۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه اسان جي دين جي اها خوبي آهي ته هر دور ۾ الله پاڪ جا نيڪ ٻانها انتهائي اخلاص سان دين جون مختلف خدمتون سر انجام ڏيندا رهن ٿا، دين جي انهيءَ عظيم خدمتگارن مان اعليٰ حضرت جو خليفو، حضرت ملڪ العلماء سَيد شاھ محمد ظفرُ الدين بهاري قادري رضوي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه به هئا، پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه پنهنجي پوري زندگي دين جي خدمت ئي جي لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي، جيئن ته سندن عرسِ مبارڪ هن ئي