Siddiq K Liay Khuda Aur Rasool Bus

Book Name:Siddiq K Liay Khuda Aur Rasool Bus

اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه جي هڪ ڪرامت به ٻڌون ٿيون:

کاڌي ۾ بَرَڪت

امير المومنين،حضرت ابوبڪرصديقرَضِىَ اللهُ عَنْه جو وڏو فرزند حضرت سَيدُنا عبدُالرَّحمٰن رَضِىَ اللهُ عَنْه بَيان فرمائي ٿو ته هڪ ڀيري حضرت سَيدُنا ابوبَڪر صِدِّيق رَضِىَ اللهُ عَنْه بارگاھ رِسالت جي ٽن (3) مهمانن کي پنهنجي گھر وٺي آيا ۽ پاڻ رسولِ اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمتِ اَقدس ۾ حاضِر ٿيا۔ ڪافي دير تائين گفتگو ۾ مصروف رهيا ايستائين جو رات جو کاڌو پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه حضور پاڪ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن سان گڏجي تناول فرمايو ۽ ڪافي رات گذرڻ کانپوءِ پنهنجي گھر آيا۔ سندن گھرواريءَ عَرض ڪيو: پنهنجي گھر مهمانن کي گهرائي اوهان ڪيڏانهن هليا ويا هئا؟ حضرت سَيدُنا ابوبَڪر صِدِّيق رَضِىَ اللهُ عَنْه جن فرمايو: ڇا اڃان تائين تو مهمانن کي کاڌو ناهي کارايو؟ عَرض ڪيائين: مون کاڌو پيش ڪيو پر اُنهن گهر ڀاتين جي غير موجودگي ۾ کاڌو کائڻ کان اِنڪار ڪري ڇڏيو۔ اهو ٻڌي پاڻرَضِىَ اللهُ عَنْه پنهنجي صاحِبزادي حضرت سَيدُنا عبدُالرّحمٰن رَضِىَ اللهُ عَنْه سان ناراضي جو اِظهار فرمايو، پوءِ پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه مهمانن سان گڏ کاڌو کائڻ لاءِ ويهي رهيا ۽ سڀني مهمانن خوب پيٽ ڀري کاڌو کاڌائون۔ مهمانن جو بَيان آهي ته جڏهن اسان کاڌي جي ٿانوءَ مان گرھ کڻندا هئاسين ته جيترو کاڌو هٿ ۾ ايندو هو، ان کان وڌيڪ کاڌو ٿانوَ ۾ هيٺان کان وڌي ويندو هو ۽ جڏهن اسان کاڌي مان فارِغ ٿياسين ته کاڌو گھٽ ٿيڻ بدران ٿانوَ ۾ پهرين کان وڌي ويو۔ حضرت سَيدُنا صِدِّيق اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه حيران ٿيندي پنهنجي گھرواريءَ کي فرمايو: اِهو ڇا ماجرو آهي جو ٿانوَ ۾ کاڌو پهرين کان ڪجھ وڌيڪ نظر اچي ٿو؟ اُنهن قسم کڻي عَرض ڪيو: واقعي اهو کاڌو پهريان کان ٽي (3) ڀيرا وڌي ويو آهي۔ پوءِ پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه ان کاڌي کي کڻي بارگاھ رسالت ۾ آيا۔ جڏهن صُبح ٿيو ته اوچتو مهمانن جو هڪ قافِلو دربارِ رسالت ۾ حاضِر ٿيو جنهن ۾ ٻارهن (12) قبيلن جا ٻارهن (12) سردار هئا ۽ هر سَردار سان گڏ ٻيا کوڙ سُوار