Book Name:Siddiq K Liay Khuda Aur Rasool Bus
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! حضرت صديقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه جي زندگي جو مطالعو ڪيو وڃي ته ائين لڳندو آهي ته پاڻ سرڪارِ دوعالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي باري ۾ پنهنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون هيون۔ الله جي پياري رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جيڪو به فرمائي ڇڏيو اهو ئي حق آهي۔ ايستائين جو جڏهن آقا ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ انهن کي دعوتِ اسلام ڏني هئي تڏهن به انهن يڪدم لبيڪ چئي ايمان قبول ڪيو۔ ائين لڳي ٿو ته پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه جي دل پهريان ئي ايمان قبول ڪرڻ جي لاءِ تڙپي رهي هئي صرف دعوت ملڻ جي دير هئي ۽ اها شمع عشقِ رسالت جيڪا روشن ٿيڻ لاءِ بيتاب هئي يڪدم روشن ٿي وئي۔ ان ڪري منهنجي ۽ اوهان جي نبي پياري نبي، مٺي نبي، سچي نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: مون جنهن کي به اسلام جي دعوت ڏني ان ڪجھ نه ڪجھ وقت ورتو، ٿورو گھڻو غور و فڪر ضرور ڪيو، پر ابوبڪر صديق اها واحد هستي آهن جو جڏهن مون انهن کي اسلام جي دعوت ڏني ته انهن بنا ڪنهن تردد، بغير ڪنهن غوروفڪر ۽ بنا ڪنهن سوچ ويچار جي يڪدم ڪلمو پڙھي ورتو ۽ اسلام ۾ داخل ٿي ويا۔ (تاریخ مدینہ دمشق ، ۳۰ / ۴۴)
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! سوچيو! ته اسلام جي ابتدائي دور ۾ جڏهن ته ماڻهو دعوتِ اسلام ملڻ تي ايمان ته ڇا آڻيندا، الٽو دشمن ٿي ويندا هئا۔ طرح طرح جون سازشون ڪندا هئا، دين کي نقصان پهچائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندا هئا، جيڪڏهن ڪو ايمان آڻيندو هو ته ان جا دشمن ٿي ويندا هئا، ۽ جيڪڏهن ڪو ايمان آڻڻ وارو هوندو به هو ته خوب سوچيندو، غور و فڪر ڪندو، سوالات ڪندو، دل کي مطمئن ڪندو هو، معجزات ڏسندو، تسلي ڪندو ۽ پوءِ وڃي اسلام آڻيندو هو۔ پر حضرت صديقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه جو شان اهو آهي جو انهن کي جيئن ئي دعوتِ اسلام ملندي آهي ته نه صرف اهو جو