Book Name:Siddiq K Liay Khuda Aur Rasool Bus
۽ سندن کي تڪليفون ڏيڻ شروع ڪيون۔
هڪ شخص ڀڄندو اچي حضرت سيدنا ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه وٽ پهتو ۽ ٻڌايو ته توهان جي دوست کي مشرڪ تڪليفون پهچائي رهيا آهن انهن جي مدد جي لاءِ وڃو، پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه ڊوڙندا مسجد پهتا، ڏٺائون ته مشرڪ نبي ڪريمصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي پڪڙيو ويٺا آهن۔ پاڻ ايندي ئي فرمايائون: اڙي بدبختو! مري وڃو توهان ماڻهو! هنن جو اهو ئي قصور آهي جو هي چون ٿا ته منهنجو رب صرف الله آهي۔ ان ڪري توهان هن کي قتل ڪرڻ چاهيو ٿا، بس ايترو چوڻ هو جو انهن بدبختن سرڪارصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ڇڏي حضرت سيدنا ابوبڪرصديق رَضِىَ اللهُ عَنْه کي پڪڙي مارڻ شروع ڪيو۔ حضرت اسماء رَضِىَ اللهُ عَنْها فرمائن ٿيون: جڏهن حضرت سيدنا ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْهواپس موٽيا ته سندن زخمن جو حال اهو هو جو سندن مبارڪ مٿي تي ڪٿي به هٿ لڳايو ويندو هو ته سندن زلفن جا وار لهي هٿ ۾ اچي ويندا هئا پر ان جي باوجود پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه جي زبان تي لفظ اهي هئا ته: اي ربِ ذُوالجَلَالِ وَالْاِڪرَام! تون وڏي برڪتن وارو آهين۔ (نوادر الاصول ، الاصل الثاني عشروالمائتان، ، ۲/۷۷۸ الحديث:۱۰۷۵)
شمع کو چراغ ، بُلْبُل کو پھول بس
صدّیق کیلئے ہے خُدا اور رسول بس
حضرت علي المرتضي رَضِىَ اللهُ عَنْهفرمائن ٿا ته هڪ ڏينهن مون ڏٺو ته قريش جي ڪافرن نبي پاڪصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي گھيري ورتو هو ۽ سندن کي مختلف قسم جون تڪليفون ڏئي رهيا هئا، هڪ پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام تي هٿ کڻي رهيو آهي ته ٻيو وري نهايت سخت ۽ تڪليف ده لهجي ۾ ڳالھائي رهيو هو ۽ اها بڪواس به ڪري رهيو هو ته تون ئي آهين اهو شخص جنهن سڀني خدائن کي ڇڏي هڪ خدا بڻائي ورتو آهي۔ حضرت علي فرمائن ٿا: خدا جو قسم! ان وقت حضرت سيدنا ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه کان علاوه ڪو به پياري آقاصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ