Siddiq K Liay Khuda Aur Rasool Bus

Book Name:Siddiq K Liay Khuda Aur Rasool Bus

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

* نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندَس * ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندَس * ضرورت پوڻ تي ٻين اسلامي ڀينرن جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندَس * ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندَس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندَس * صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ واريءَ جي دِل جوئي جي لاءِ آهسته آواز سان جواب ڏيندَس * بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندَس۔دوران بيان موبائل جي غيرضروري استعمال کان بچندَس،نه بيان ريڪارڊ ڪندَس نه ئي ٻئي ڪنهن قسم جو آواز ڇو ته ان جي اجازت ناهي،جيڪو ڪجهه ٻُدَندَس،ان کي ٻڌي ۽ سمجهي ڪري ان تي عمل ڪرڻ ۽ ان کي بعد ۾ ٻين تائين پهچائي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندَس.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

  پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اڄ جي بيان جو موضوع آهي”صديق  لاءِ  آهي خدا ۽  رسول فقط “ اڄ انهيءَ  باري ۾ ڪجھ مدني گل بيان ڪيا ويندا۔

          هن ۾ ڪو شڪ ناهي ته دينِ اسلام الله پاڪ جي تمام وڏي نعمت آهي۔ اها اسان جي تمام وڏي خوش قسمتي آهي جو اسان کي پيدا ٿيندي ئي سڀني نبين جي سلطان، امام حسن و حسين جي ناني جان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي غلامي نصيب ٿي۔ اسان مسلمان آهيون، پر ڪمال اهو آهي جو جڏهن اسان جي زندگي جو هڪ هڪ پل ۽ هڪ هڪ لمحو شريعت تي عمل ڪندي اسلامي احڪامن جي تابعداري ۾ گذري۔ صبح جاڳڻ کان رات سمهڻ سميت هڪ هڪ عمل ۽ هڪ هڪ ڪم شريعت جي دائري جي اندر هجي۔ اسان جو اٿڻ شريعت