Siddiq K Liay Khuda Aur Rasool Bus

Book Name:Siddiq K Liay Khuda Aur Rasool Bus

صديقِ اڪبر جو تعارف

  اچو! پهريان حضرت سيدنا ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه جو ڪجھ تعارف ٻڌون ٿيون پوءِ سندن زندگي جا ڪجھ واقعا به ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنديون سين۔

اميرِ اهلسنّت، حضرت علامه محمد الياس عطّار قادري دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه پنهنجي رسالي ”عاشقِ اڪبر“ جي صفحي 3 تي حضرت سيدنا صديقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه جو تعارف بيان ڪندي فرمائن ٿا: * خَلِيفَة المُسلِمِين، جانشينِ رَحمَة لّلعٰلَمِين، اميرُ المُومِنين حضرت سَيدُنا صِدِيقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه جو مبارڪ نالو عبدالله آهي، ۽ سندن ڪُنيت ابوبڪر، ۽ صديق و عَتِيق سندن لقب هئا، صِدِّيق جي معنيٰ آهي ”گھڻو سچ ڳالهائيندڙ“ پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه جاهليت واري دؤر ۾ ئي انهيءَ لقب سان مشهور هئا، ڇو ته پاڻ سدائين سچ ڳالهيندا هئا، ۽ عَتِيق جي معنيٰ آهي”آزاد“. سرڪارِ مدينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه کي خوشخبري ڏيندي فرمايو: اَنۡتَ عَتِيقُ مِنَ النَّارِ يعني(اي ابو بڪر!) تون جهنم جي باهه کان آزاد آهين“ تنهنڪري سندن جو اِهو لقب عَتِيق ٿيو۔([1]) پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه قريشي هئا ۽ ستين پيڙهي ۾ سندن جو نسب رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خانداني شجري سان ملي وڃي ٿو، پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه عام الفيل جي تقريبًا اڍائي سالن کان پوءِ مڪةُالمڪرمة زَادَهَا الله شَرۡفًا وتَعۡظِيۡمًا ۾ پيدا ٿيا، اميرالمؤمنين حضرت سيّدنا ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه اهي صحابي آهن جن سڀ کان پهريان رسولِ اڪرمصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي تصديق ڪئي ۽ ايمان قبول ڪيو، پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه جون فضيلتون ۽ ڪمال ايتري قدر آهن جو اَنبِيَاءِ ڪِرام عَلَيهِمُ السَّلام کانپوءِ اڳين پوئين سڀني انسانن ۾ سڀ کان افضل ۽ اعليٰ آهن، آزاد مردن ۾ سڀ کان پهريان اسلام قبول ڪيو، ۽ اسلام جي خاطر ٿيندڙ گھڻين لڙائين ۾ شريڪ


 

 



[1]    تاریخ الخلفاء،فصل فی اسمہ و لقبہ، ص۲۹