Book Name:Siddiq K Liay Khuda Aur Rasool Bus
ٿيا. صُلح ۽ جنگ جي سڀني فيصلن ۾ نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا وزير ۽ مُشير بڻجي زندگي جي هر واٽ تي پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ساٿ ڏئي جان نثاري ۽ وفاداري جو حق ادا ڪيو، 2 سال7 مهينا مَسنَدِ خِلافت تي رونق اَفروز رهي 22 جُمادَی الاُخرٰي 13 هه سومر جو ڏينهن پورو ڪري انتقال ٿيو. اميرالمُؤمنين حضرت سيّدنا عمر رَضِىَ اللهُ عَنْه جنازي جي نماز پڙهائي ۽ روضي پاڪ ۾ حضورِ اَقدَس صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ويجهو دفن ٿيا۔
(الاکمال فی اسماء الرجال لصاحب المشکوۃ،حرف الباء فصل فی الصحابہ، ابو بکر الصدیق، ص۵۸۷، تاریخ الخلفاء ، ص۲۶ تا ۲۷ ماخوذا)
اچو! هاڻي سندن جي حمايتِ رسول ۽ حمايتِ دين بابت ڪجھ واقعا ٻڌون ٿيون:
اسلام جي شروعات ۾ جڏهن صحابَه ڪرام جو تعداد اٺٽيھ (38) ٿي ته حضرت سيدنا ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه اعلان ۽ اظهارِ اسلام جي لاءِ اجازت گھري، پر نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اهو چئي منع ڪيو ته هينئر نه! ڇوته اڃان اسان تعداد ۾ گھٽ آهيون۔ پر نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرت سيدنا ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه جي اصرار تي اجازت ڏئي ڇڏي، پوءِ هر شخص پنهنجي خاندان کي اسلام جي دعوت پيش ڪرڻ لڳو۔ حضرت سيدنا ابوبڪرصديق رَضِىَ اللهُ عَنْه خطبو ڏيڻ جي لاءِ بيٺا۔ مڪي جي مشرڪن جڏهن مسلمانن کي کلم کليو دعوتِ اسلام ڏيندي ڏٺو ته انهن جو رت جوش هڻڻ لڳو ۽ اهي حضرت سيدنا ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه ۽ ٻين مسلمانن تي ڏمرجي پيا ۽ انهن کي مارڻ شروع ڪيو۔ انهن حضرت سيدنا ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه کي به ڏاڍو ماريو ۽ انهن کي پيرن سان چيڀاٽيو ويو ايستائين جو عتبه بن ربيعه خبيث پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه جي ويجھو اچي پنهنجا ناپاڪ جوتا سندن مبارڪ چهري تي هڻڻ لڳو ۽ سندن کي ماري ماري ايترو ته زخمي ڪري ڇڏيو جو سندن چهرو سڃاتو نه پئي ويو، حضرت سيدنا ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْهزخمن جي سٽ نه سهندي بي هوش ٿي