Siddiq K Liay Khuda Aur Rasool Bus

Book Name:Siddiq K Liay Khuda Aur Rasool Bus

ايمان آڻيندا آهن بلڪ سڀ کان پهريان محافظِ اسلام به بڻجي ويندا آهن۔ ۽ سندن ايمان جي مضبوطي اهڙي آهي جو انهن کي ڏسي، ٻڌي، پڙھي، ڪيترن ئي ماڻهن جو ايمان مضبوط ٿي ويندو آهي۔ ۽ سندن ايمان جي مضبوطي جي باري ۾ مديني وارا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمائن ٿا: جيڪڏهن هڪ پڙ ۾ منهنجي سڄي اُمّت جو ايمان رکيو وڃي ۽ ٻئي پڙ ۾ صرف ابو بڪر جو ايمان رکي وزن ڪيو وڃي ته ابوبڪر جي ايمان وارو پڙ وزني ٿي ويندو۔ (شعب الايمان ، باب القول في زيادۃ الايمان ۔ ۔ ۔ ا لخ ، ۱ / ۶۹ ، حديث : ۳۶ بالفاظ مختلفۃ) جڏهن اهڙو شان هجي ته  پوءِ چوڻو پوندو:

پروانے کو چراغ ، بُلْبُل کو پھول بس

صدّیق کیلئے ہے خُدا اور رسول بس

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

          پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اچو! حضرت سيدنا صديقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه جي رحمت عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي حفاظت ۽ دين جي سربلندي لاءِ ڏنل قربانين بابت ڪجھ ٻيا به واقعا ٻڌون ٿيون:

بدبختو! هلاڪ ٿي وڃو

            حضرت اسماء رَضِىَ اللهُ عَنْها جيڪا حضرت صديق اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه جي وڏي نياڻي آهي اُنهن کان ڪنهن پڇيو ته الله پاڪ جي پياري رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي مشرڪن سڀ کان وڌيڪ تڪليف ڪڏهن ڏني هئي؟ ته حضرت اسماء فرمايو: هڪ ڀيري مشرڪ مسجدِ حرام ۾ ويهي سرڪار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۽ دينِ اسلام جي باري ۾ ڳالهيون ڪري رهيا هئا ته ايتري ۾ مصطفيٰ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ به اتي تشريف فرما ٿيا، مشرڪن جڏهن پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ڏٺو ته سڀني پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَکي گھيري ورتو ۽ طرح طرح جا سوال ڪرڻ لڳا، اهي جيڪو پڇندا هئا، آقا ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سچ بيان فرمائيندا هئا، اهي چوڻ لڳا: توهان اسان جي خدائن جي باري ۾ فلاڻي فلاڻي ڳالھ ڪئي هئي؟ پاڻ فرمايائون: ها! ڪئي هئي۔ اهو ٻڌي اهي سڀئي پاڻ سڳورن تي مڇرجي پيا