Book Name:Siddiq K Liay Khuda Aur Rasool Bus
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
مال جي ذريعي دينِ اسلام ۽ صاحبِ اسلام جي خدمت
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! حضرت سيدنا صديقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه جو رَسُولُ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان جيڪو پيار ۽ محبت ڀريو ورتاءُ هو، اهو دولت ۽ مال جي باري ۾ به برقرار هو، حضرت سيدنا صديقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه جي باري ۾ اچي ٿو ته پاڻ واپاري هئا، ڪپڙي جي وڏي ڪاروبار جا مالڪ هئا، جنهن ڏينهن اسلام آندائون ان وقت سندن وٽ چاليھ هزار درهم يا دينار(يعني 40 هزار چاندي يا سون جا سڪا) هئا، اسلام آڻڻ کان پوءِ اهو سمورو مال راھ خدا ۾ خرچ ڪري ڇڏيو۔ ( تاريخ مدينۃ دمشق ، ج۳۰ ، ص۶۶)
هڪ روايت ۾ اچي ٿو ته صديق اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه اها هستي آهن جن اسلام قبول ڪرڻ کان بعد کان وٺي مدينه شريف ڏانهن هجرت ڪرڻ تائين پنهنجو مال اسلام جي سربلندي لاءِ قربان ڪندا رهيا۔ هجرت جي وقت سندن وٽ پنج يا ڇھ هزار درهم هئا جيڪي پاڻ گڏ کنيائون۔ (۽ رَسُولُ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي قدمن تي قربان ڪري ڇڏيا۔ (السيرۃ النبويۃ لابن ھشام،ھجرۃ الرسول،ابوقحافۃ و اسماء بعد ھجرۃ ابي بڪر ، ۱ / ۴۴۱)
مديني پاڪ ۾ اچي پنهنجي گھر جو سمورو سامان راھ خدا ۾ ڏيڻ جو واقعو به سندن ئي جو آهي۔ حضرت صديقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه جي معمولات کي ڏسي لڳي ٿو ته جتي به خرچ ڪرڻ جي ضرورت پوندي هئي ۽ پاڻ وٽ مال هوندو هو ته پاڻ بنا ڪنهن سوچڻ جي اتي مال خرچ ڪندا هئا۔ اسلام جي مدد ۽ نصرت جي لاءِ پاڻ کلي دل سان پنهنجو ذاتي مال خرچ ڪيو۔ روايتن ۾ اچي ٿو ته حَضرتِ ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه اها هستي آهي جو جن جي مال کي الله جا پيارا رسول عَلَيۡهِ السَّلَامپنهنجي مال جيان ئي خرچ ڪندا هئا۔ (المصنف لعبدالرزاق ، ڪتاب الجامع ، باب اصحاب النبي ، ۱۰ / ۲۲۲ الحديث : ۴۸۴۸)