Apni Bahen Se Naik Sulok Kijiye

Book Name:Apni Bahen Se Naik Sulok Kijiye

ملخصا) * ڏينهن ۾ ڪيترائي ڀيرا ملاقات ٿئي، هڪ ڪمري کان ٻئي ڪمري ۾ بار بار اچ وڃ ٿئي، اتي موجود مسلمانن کي سلام ڪرڻ ثواب جو ڪم آهي * سلام ۾ اڳرائي ڪرڻ سنّت آهي۔ * سلام ۾ اڳرائي ڪرڻ وارو الله پاڪ جو مُقرّب آهي * سلام ۾ اڳرائي ڪرڻ وارو تَڪَبُّر کان به بَري آهي جيئن منهنجي مڪي مدني آقا، مٺي مٺي مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن جو فرمان آهي: سلام ۾ اڳرائي ڪرڻ وارو تَڪَبُّر کان بَري آهي۔ (شعب الايمان ، ڪتاب، ۶/۴۳۳،حديث:۸۷۸۶) * سلام (۾ اڳرائي) ڪرڻ واري تي 90 رحمتون ۽ جواب ڏيڻ واري تي 10 رحمتون نازل ٿينديون آهن. (ڪيميائے سعادت،۱/۳۹۴) * اَلسَّلَامُ عَلَیْکُمْ چوڻ سان 10 نيڪيون ملن ٿيون، گڏوگڏ وَرَحْمَۃُ الله به چوندا ته 20 نيڪيون ٿي وينديون ۽ وَبَرَکَاتُہٗ شامل ڪندؤ ته 30 نيڪيون ٿي وينديون۔ ڪي ماڻهو سلام سان گڏ جنّت المقام ۽ دوزخ الحرام جا الفاظ به وڌائيندا آهن اِهو غلط طريقو آهي، بلڪ ڪي ته مَعاذالله ايتري تائين بڪندا آهن، اوهان جا ٻار اسان جا غلام. * سلام جو جواب فوراً ۽ ايتري آواز سان ڏيڻ واجِب آهي جو سلام ڪرڻ وارو ٻڌي وٺي۔ سَلام ۽ سلام جي جَواب جو دُرُست تَلَفُّظ ياد ڪريو۔ پَهريان مان چوان ٿو اوهان ٻڌي دهرايو: اَلسَّلامُ عَلَیْکُمْ هاڻي پَهريان مان جَواب ٻڌايان ٿو پوءِ اوهان ان کي دهرايو: وَعَلَیْکُمُ السَّلام۔

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب “سنتیںاورآداب” هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد