Book Name:Rizq Main Izafa Ki Asbab
ڪفايت جيترو حلال رِزق ڪمائيندو هو ۽ باقي وقت عبادت ۾ گذاريندو هو. هڪ ڀيري لاڳيتو ڪيئي ڏينهن تائين کيس ڪٿي به مزدوري (Wage) نه ملي ۽ حالت فاقه ڪشي تي اچي پهتي پر ان همت نه هاري، هڪ ڏينهن هي نيڪ ٻانهو صبح جو سوير الله پاڪ جو نالو وٺي ڪري مزدوري جي ڳولا ۾ نڪتو پر ڪٿي به ڪو ڪم ڪونه مليس. آخرڪار ٿڪجي هارجي ڪري اهو درياء جي ويجهو آيو، وضو ڪيائين ۽ عبادت ۾ مصروف ٿي ويو. ائين ان سڄو ڏينهن نوافل پڙهندي گذاري ڇڏيو. شام جو جڏهن گهر پهتو ته گهر واري پڇيو: ڇا ڪو ڪم مليو؟ چيائين! ها! اڄ مون نهايت ڪريم مالِڪ وٽ مزدوري ڪئي، ان واعدو ڪيو آهي ته هو مون کي تمام سُٺو بدلو (Reward) ڏيندو.
اڳئين ڏينهن وري ڪمَ جي ڳولا ۾ نڪتو، ڪو ڪم نه مليس ته پوءِ دريا جي ڪناري پهتو، وضو ڪيائين ۽ عبادت ۾ لڳي ويو، سڄو ڏينهن عبادت ۾ گذاريائين، شام جو گهر آيو گهر واري کيس خالي هٿين ڏٺو ته پڇيائين: اڄ ڇا ٿيو؟ چيائين: اڄ وري مون انهيءَ مالڪ وٽ مزدوري ڪئي آهي، هو وڏو ڪريم آهي، ان مون سان واعدو ڪري رکيو آهي ته مون کي هن مزدوري جو سُٺو بدلو ضرور ڏيندو، منهنجي اجرت ان مالڪ وٽ گڏ ٿي رهي آهي. فاقن جي ماريل گهر واري جڏهن هي ڳالھ ٻڌي ته مٿس مڇرجي پئي ته هتي ڪيئي ڏينهن کان فاقا هلي رهيا آهن، ٻارن جي حالت اهڙي ٿي وئي آهي جو ڏسي نه ٿي سگهجي. اسان ڪيئي ڏينهن کان هڪ گرھ (Morsel) تائين ناهي کاڌو ۽ تون جنهن مالڪ وٽ مزدوري ڪري رهيو آهين ان توکي اڄ به پگهار نه ڏني، هن طرح ڪيئن گذارو ٿيندو؟ گهر واريءَ جون ڳالهيون ٻڌي عابِد پريشان ٿي ويو، ٻار بُکَ جي سبب تڙپي رهيا هئا، ان جي پنهنجي حالت به قابِل رحم (Pitiful) هئي، خير! ان سڄي رات پاسا ورائيندي گذاري ۽ اڳئين صبح وري