Book Name:Rizq Main Izafa Ki Asbab
ڪم جي لاءِ نڪري ويو، ٽئين ڏينهن به ان کي ڪٿي ڪم نه مليو، پوءِ درياء تي ويو، وضو ڪيائين ۽ عبادت ۾ مصروف ٿي ويو. اڄ ان جي دل ڪجھ گهڻي ئي پريشان هئي، هو دل ئي دل ۾ سوچي رهيو هو ته اڄ به کاڌي پيتي جو انتظام نه ٿي سگهيو ته گهر وڃي ڪري گهر واري ۽ ٻارن کي ڪهڙو جواب ڏيندُس؟ پوءِ سندس يقين ان کي تسلي ڏني ته جنهن پاڪ پروردگار جي تون عبادت ڪندو آهين هو توکي مايوس (Disappoint) نه ڪندو. ان جي ذات تي ڪامل يقين رکُ، هو ضرور رِزق عطا فرمائيندو.
اهو ئي سوچيندي، ربِّ ڪائنات جي رحمت ۾ اميد لڳائي سجدا ڪندي سڄو ڏينهن گذري ويو، شام ٿي ته گهر جي طرف روانو ٿيو، جڏهن دروازي جي ويجهو پهتو ته ان کي گهر جي اندران کاڌو پچڻ جي خوشبو آئي ۽ ائين محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ اندر نهايت خوشيءَ جو ماحول هجي، سڀ گهر وارا خوشيءَ سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن. کيس يقين نه پئي آيو ته مان سچ ۾ پنهنجي گهر ۾ خوشيءَ جو ماحول محسوس ڪري رهيو آهيان ۽ منهنجي گهر مان کاڌي جي خوشبو اچي رهي آهي.
بهرحال! ان دروازو وڄايو ته سندس گهر واريءَ دروازو کوليو. هوءَ تمام گهڻي خوش هئي، پنهنجي مُڙس کي ڏسندي ئي چوڻ لڳي: جنهن مالڪ وٽ تون مزدوري ڪندو آهين، اهو ته واقعي نهايت ڪريم آهي، اڄ تنهنجي وڃڻ کان بعد ان جو قاصد (Messenger) آيو هو ان اسان کي کوڙَ درهم ۽ دينار (يعني چاندي ۽ سون جا سڪا) ۽ عمده ڪپڙا ڏنا، اٽو ۽ گوشت (Meat) وغيره به ڪافي مقدار ۾ ڏنائين ۽ چئي ويو آهي: جڏهن تنهنجو مُڙس اچي ته ان کي سلام ڏجان ۽ چئجانس ته تنهنجي مالڪ تنهنجو عمل قبول ڪري ورتو آهي، ۽ هو