Rizq Main Izafa Ki Asbab

Book Name:Rizq Main Izafa Ki Asbab

تناول فرمائڻ لڳا. بغداد جي خليفي مامُونُ الرّشيد حيران ٿي ڪري چيو: اي شيخ! ڇا اوهان جو اڃان تائين پيٽ ناهي ڀريو؟ فرمايائون: ڇونه! اصل ۾ ڳالھ هيءَ آهي ته مون کي حضرت حمّاد بن سلمه رَضِىَ اللهُ عَنْه هڪ حديثِ پاڪ بيان فرمائي آهي: جيڪو شخص دسترخوان (Dinning Mat) تي ڪِريل ٽڪرن کي چونڊي چونڊي ڪري کائيندو، اهو تنگدستي کان بي خوف (Fearless) ٿي ويندو.[1] مان انهيءَ حديث مبارڪ تي عمل ڪري رهيو آهيان. هي ٻڌي ڪري مامون نهايت متاثر ٿيو ۽ پنهنجي هڪ خادم جي طرف اشارو ڪيائين ته اهو 1 هزار دينار رومال ۾ ٻڌي ڪري کڻي آيو. مامون اهي دينار حضرت هُدبه بن خالِد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي خدمت ۾ نذراني طور پيش ڪري ڇڏيا. حضرت هُدبه بن خالِد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمايو: الۡحمد لله! حديث مبارڪ تي عمل جي هٿون هٿ برڪت ظاهر ٿي وئي.[2]

 پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!  رِزق جو قدر ڪرڻ، رِزق کي ضايع ٿيڻ کان بچائڻ به رِزق ۾ اضافو جو سبب آهي. هاءِ! اڄڪلھ رِزق جو احترام دلين مان ختم ٿيندو پيو وڃي، اڄڪلھ رِزق جي بي قدري ۽ بي حرمتي (Disrespect) کان ڪهڙو گهر خالي آهي، بنگلن ۾ رهڻ وارين اربين پتي کان وٺي ڪري جهوپڙي (Hut) ۾ رهڻ واريءَ تائين ان بي احتياطي (Carelessness) جو شڪار نظر ايندي آهي. شادي ۾ طرح طرح جي کاڌن جي ضايع ٿيڻ کان وٺي گهرن ۾ ٿانوَ ڌوئندي وقت جهڙيءَ طرح ڀاڄيءَ جي رَسُ (Curry Broth چانور ۽ ان جا ذرا وهائي ڪري مَعاذَ الله! ناليءَ جي حوالي ڪيا ويندا آهن، ڪاش رِزق جو احترام اسان جي دلين ۾ هجي ها ۽ کاڌي کي ضايع ٿيڻ کان بچائي وٺون ها.


 

 



[1] تاریخِ بغداد، جلد:4، صفحہ:312، رقم:2050۔

[2] تاریخ اصبہان ،جلد:2 ،صفحہ:333 ۔