Meraj Ke Mushahdat

Book Name:Meraj Ke Mushahdat

ٿيندا آهن ان جا 100 جي ويجهو قسم آهن) ۽ جهنم جي تپيل (گرم) پٿر ڳِهي رهيا هئا. پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پڇڻ تي فرمايو: اي جبريل هي ڪير ماڻهو آهن؟ عرض ڪيو: هي اهي ماڻهو آهن جيڪي پنهنجي مالن جي زڪوٰة ادا نه ڪندا هئا، الله پاڪ انھن تي ظلم ناهي ڪيو ۽ الله پاڪ ٻانهن تي ظلم ناهي فرمائيندو. ([1])

پيارا اسلامي ڀائرو! زڪوٰة فرض هجڻ باوجود ادا نه ڪرڻ حرام آهي ۽ جهنم ۾ وٺي ويندڙ ڪم آهي. قرآن ڪريم ۽ احاديث طيبه ۾ ان جون گھڻيون ئي سخت سزائون آيون آهن جهڙوڪ حضرت ابو هريره رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ کان روايت آهي ته الله پاڪ جي آخري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جنهن کي الله پاڪ مال عطا فرمايو ۽ ان ان جي زڪوٰة ادا نه ڪئي ته قيامت جي ڏينهن ان جي مال کي هڪ گنجي نانگ (هيبتناڪ نانگ) جي صورت ۾ بڻايو ويندو جنهن جي اکين تي ٻه ڪارا نقطا هوندا ۽ اهو گنجو نانگ ان جي ڳچيءَ ۾ هار بڻايو ويندو جيڪو پنهنجي چپن سان ان کي پڪڙيندو ۽ چوندو: مان آهيان تنهنجو مال، تنهنجو خزانو. ([2])

غور ڪيو! ڪير آهي جيڪو قيامت جي ڏينهن جي اھڙي ڊيڄاريندڙ عذاب کي برداشت ڪري سگهي، الله پاڪ جو قسم! ڪنهن ۾ به انهيءَ ڊيڄاريندڙ عذاب جي برداشت جي سگهه ناهي ۽ وري انهيءَ تي اڪتفاء ناهي بلڪه حديثن ۾ ان کان علاوه ٻين به ڪئي عذابن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، اعليٰ حضرت، امام اهل سنت مولانا شاهه امام احمد رضا خان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه انهن جو مختصر احوال ڪندي فرمائن ٿا: جنهن سون چانديءَ جي زڪوٰة نه ڏني وڃي * قيامت جي ڏينهن جهنم جي باھه ۾ تَپائي ڪري ان سان انهن جون پيشانيون، پاسا ۽ پٺي ڏنڀيون وينديون


 

 



[1]...الترغیب و الترہیب ،کتاب الصدقات،صفحہ:263 ،حدیث:15۔

[2]...بخاری،کتاب الزکاۃ،باب اثم مانع الزکاۃ،صفحہ:393 ،حدیث:1403۔