Meraj Ke Mushahdat

Book Name:Meraj Ke Mushahdat

* انهن جي مٿي، ڇاتيء تي جهنم جو گرم پٿر رکيو ويندو جيڪو ڇاتي چيريندي پُٺي مان نڪري ويندو ۽ ڪلهي جي هڏي تي رکيو ويندو جو هڏيون ٽوڙيندي سيني مان نڪري ايندو، پُٺي ٽوڙي ڪري پاسي مان نڪري ايندو، ڪِياڙي ٽوڙي ڪري پيشاني مان اُڀرندو * جنھن مال جي زڪوٰة نه ڏني ويندي قيامت جي ڏينهن پراڻو خبيث خونخوار نانگ بڻجي ڪري بڻجي ڪري ان جي پويان ڊوڙندو، هي هٿ سان روڪيندو، اهو هٿ چٻاڙي وٺندو پوءِ ڳچيءَ ۾ طوق بڻجي ڪِري پوندو، ان جو منهن پنهنجي منهن ۾ وٺي ڪري چٻاڙيندو ۽ چوندو ته مان آهيان تنهنجو مال، مان آهيان تنهنجو خزانو، پوءِ ان جو پورو بدن چٻاڙي ويندو. وَالْعِیَاذُ بِاللّٰہِ رَبِّ الْعٰلمِیْن([1])

پيارا اسلامي ڀائرو! ٿورو انهن عذابن تي غور ڪيو ۽ پوءِ پنهنجي هيڻائي ۽ ڪمزوري کي ڏسو، افسوس! اسان جي ڪمزوري جو حال ته اهو آهي جو هلڪو ئي مٿي جو سور بخار تڙپائي رکندو آهي، پوءِ آخرت جا هي درد ناڪ عذاب ڪيئن برداشت ڪري سگهجن ٿا، انهيءَ ڪري هاڻ به وقت آهي ڊڄي پئو ۽ جيڪي فرض هجڻ باوجود زڪوٰة ادا ناهن ڪندا جلد کان جلد توبهه ڪن ۽ جيترن سالن جي زڪوٰة باقي آهي، حساب ڪري جلد کان جلد ادا ڪن نه ته جيڪڏهن اهو موقعو هٿ کان نڪري ويو ۽ توبهه کان پهرين ئي موت اچي ورتو ته پوءِ موقعو نه ملندو.

کر لے توبہ ربّ کی رحمت ہے بڑی                                               قبر میں ورنہ سزا ہو گی کڑی([2])

مصطفيٰ جي معراج جي صدقي الله پاڪ اسان کي گناهن کان بچي ڪري جنت ۾ وٺي ويندڙ ڪمن ۾ مصروف رهڻ جي توفيق نصيب فرمائي.

اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد


 

 



[1]...فتاویٰ رضویہ،جلد:10 ،صفحہ:153۔

[2]...وسائلِ بخشش،صفحہ:712۔