Book Name:Narmi Kesay Paida Karain
گلستانِ شفيع اوڪاڙوي“ (سولجَر بازار) بابُ المدينه ڪراچي ۾ ٿيندو هو. شيخ طريقت، اميرِ اهلسنت دَامَتْ بَـرَکَاتُهمُ الْعَالِيه اجتماع ۾ شرڪت جي لاءِ اسلامي ڀائرن سان گڏ وڃي رهيا هئا. رستي ۾ هڪ سينِما جي ڀرسان لنگهيا ته هڪ نوجوان جيڪو اُتي فلم ڏسڻ جي لاءِ ٽڪيٽ وٺڻ جي انتظار ۾ بيٺو هو، اُن (مَعَاذَ الله عَزَّوَجَلَّ) وڏي آواز سان اميرِ اهلسنت دَامَتْ بَـرَکَاتُهمُ الْعَالِيه کي مخاطب ٿي چيو: ”مولانا! ڏاڍي سٺي فلم لڳي آهي اچي ڏسو“ ان کان اڳ جو گڏ وڃڻ وارا اسلامي ڀائر جذبات ۾ اچي ڪجهه ڪَن ها، اميرِ اهلسنت دَامَتْ بَـرَکَاتُهمُ الْعَالِيه ان نوجوان کي وڏي آواز سان سلام ڪيو ۽ ويجهو وڃي تمام نرميءَ سان انفرادي ڪوشش ڪندي ارشاد فرمايائون:”پٽ! مان فلمون ناهيان ڏسندو باقي توهان مون کي دعوت پيش ڪئي ته مون سوچيو ته توهان کي به دعوت پيش ڪيان، هينئر اِنْ شَآءَالله عَزَّوَجَلَّ گلزارِ حبيب مسجد ۾ سنتن ڀريو اجتماع ٿيندو، توهان کي شرڪت جي گذارش آهي، جيڪڏهن توهان هاڻي نه ٿا اچي سگهو ته جڏهن موقعو ملي ته ضرور تشريف وٺي اچجو.“ پوءِ پاڻ دَامَتْ بَـرَکَاتُهمُ الْعَالِيه ان کي عطر جي شيشي تحفي ۾ پيش ڪيائون.
ڪجھ سالن کان پوءِ اميرِ اهلسنت دَامَتْ بَـرَکَاتُهمُ الْعَالِيه جي بارگاھ ۾ سُنَّتن جو عامِل هڪ اسلامي ڀاءُ سبز عمامي سان حاضر ٿيو ۽ ڪجهه هن طرح عرض ڪيائين:”سائين !ڪجهه سال اڳ ۾ هڪ نوجوان اوهان کي (مَعَاذَ الله عَزَّ وَجَلَّ) فِلم ڏسڻ جي دعوت ڏني هئي ۽ اوهان انتهائي صبر جو مظاهرو ڪندي ناراض ٿيڻ بدران ان کي اجتماع ۾ شرڪت جي دعوت پيش ڪئي هئي اهو نوجوان مان ئي آهيان. مان اوهان جي عظيم حُسنِ اَخلاق کان گهڻو متاثر ٿي آخرڪار