Narmi Kesay Paida Karain

Book Name:Narmi Kesay Paida Karain

هٿ ۾ هيو، اهو بزرگ سفر ڪري تگودار وٽ پهتو، سنّتن جي پيڪر باريش مسلمان مُبَلِّغ کي ڏسي ان کي مَسۡخري لڳي ۽ چوڻ لڳو؛ ”اهو ته ٻُڌاءِ تنهنجي ڏاڙهي جا وار ڀلا يا منهنجي ڪتي جو پُڇ؟“ ڳالھ جيتوڻيڪ ڪاوڙ ڏيارڻ واري هئي پر اهو سمجهدار مبلغ هو، تنهنڪري نهايت ئي نرميءَ سان فرمايائون؛ ”مان به پنهنجي خالق ۽ مالڪ جو ڪُتو آهيان جيڪڏهن جان نِثاري ۽ وفاداري سان ان کي خوش ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس ته مان ڀلو آهيان، نه ته پوءِ توهان جي ڪُتي جو پُڇ ئي ڀلو آهي“ جيئن ته هو هڪ باعمل مُبلغ هيا، غيبت، چغلي، عيب ڪڍڻ، بَدڪلامي ڪرڻ ۽ فضول ڳالهائڻ وغيره کان بچندي پنهنجي زبان ذِڪرُالله ۾ هميشه مشغول رکندا هيا، تنهنڪري سندن واتان نڪتل مِٺڙا ٻول تاثير جا تير بڻجي تگودار جي دل تي لڳا، جڏهن ان کي پنهنجي ”زهريلن ڪَنڊن“ جي جواب ۾ باعمل مُبلغ طرفان ”خوشبودار مَدنِي گل“ مليا ته اهو ڏاڍو پشيمان ٿيو ۽ نرمي سان عرض ڪيائين؛ توهان منهنجا مهمان آهيو ۽ مون وٽ ئي قيام ڪريو، پوءِ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ان وٽ رهڻ لڳا، تگودار روزانو رات جو سندن جي خدمت ۾ حاضر ٿيندو هيو ۽ پاڻ نِهايت شفقت سان ان کي نيڪي جي دعوت پيش ڪندا رهيا، سندن انفرادي ڪوشش تگودار جي دل ۾ مدنِي اِنقلاب پيدا ڪري ڇڏيو، ساڳيو تگودار جيڪو اڳ ۾ اسلام کي دنيا جي نقشي تان مٽائڻ جو خواهشمند هو، سو اڄ اسلام جو شيدائي بڻـجي چڪو هو۔ ان ئي باعمل مبلغ جي هٿ تي تگودار پنهنجي سڄي قوم سميت مسلمان ٿيو، ان جو اسلامي نالو احمد رکيو ويو، تاريخ گواهه آهي هڪ مبلغ جي مِٺن ٻولن جي برڪت سان تاتاري سلطنت اسلامي حڪومت ۾ بدلجي وئي۔ (غيبت کی تباه کارياں ص ۱۵۵)