Narmi Kesay Paida Karain

Book Name:Narmi Kesay Paida Karain

نرم ٿي هٿيار بڻجي ٿو ۽ مٽي نرم ٿي فصل جي ساوڪ جو سبب بڻجندي آهي اهڙي طرح اِسلامي تعليمات جي مطابق ڪئي ويندڙ ”نرمي“ اهڙي خوبي آهي جنهن جي بدولت انسان جي اندر رحمت، شفقت، آٓساني، عَفوو دَرگُذَر ۽ بُردباري جهڙا خوشبو دار گل ٽرندا آهن۔ اچو! ترغيب جي لاءِ نرمي جي فضيلتن تي مشتمل 3 فرمانِ مصطفيٰ ٻڌو۔

1 ارشاد فرمايائون:’’اي عائشه! رَضِىَ الله تَعَالٰى عَنْها، الله پاڪ رفيق آهي ۽ رِفق يعني نرمي کي پسند فرمائي ٿو ۽ الله پاڪ نرمي جي ڪري اهي شيون عطا ڪندو آهي جيڪي سختي يا ڪنهن ٻي سبب عطا ناهي ڪندو۔(مسلم، ڪتاب البر والصلۃ واروٓداب، باب فضل الرفق، ص۱۰۷۲، الحديث:۶۶۰۱)

2 ارشاد فرمايائون: نرمي جنهن شيء ۾ به هوندي آهي اها ان کي خوبصورت بڻائيندي آهي ۽ جنهن شيء مان نرمي ڪڍي ويندي آهي ان کي بدصورت ڪندي آهي۔ (مسلم، ڪتاب البر والصلۃ واروٓداب، باب فضل الرفق، ص ۱۰۷۳، الحديث:۶۶۰۲)

3 ارشاد فرمايائون: مومن آساني ڪرڻ وارو، نرم هوندو آهي، جيئن نٿ وارو اُٺ، جو ڇڪيو وڃي ته ڇڪجي ويندو آهي ۽ چٽان تي ويهاريو وڃي ته ويهي رهي۔ (مشڪاۃالمصابيح،ڪتاب الآداب،باب الرفق والحياء...إلخ،۳/۲۳۰، حديث :۵۰۸۶)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته نرمي جي ڪيتري قدر اهميت آهي نرمي الله پاڪ کي بيحد پسند آهي، جنهن شيء ۾ نرمي هوندي آهي ان کي زينت بخشيندي آهي جڏهن ته جيڪو شخص نرمي جهڙي پياري صفت کان محروم هوندو آهي اهو هر وقت ڪاوڙ ۾ رهندو آهي، ڳالھ ڳالھ تي ٻين کي ٽوڪندو آهي، غلطي ڪرڻ واري کي سڀني جي سامهون ذليل ۽ رسوا ڪندو آهي۔ پوءِ چاهي اهو ڪيترو ئي وڏو عبادت گذار هجي، تهجد گزار هجي،