Book Name:Imam e Azam Ki Zahana
آهن جن جو اسان تصوّر به نٿا ڪري سگھون۔ (الخيرات الحسان،ص ۷۱)
سپہرِ علم و عمل کے سورج تمہی ہو، سب ہیں تمہارے تارے
تمہی سے چمکا ہے جو بھی چمکا امامِ اعظم ابوحنیفہ!
تمہارے آگے تمام عالَم نہ کیوں کرے زانوئے ادب خَم
کہ پیشوایانِ دین نے مانا امامِ اعظم ابوحنیفہ!
(دیوانِ سالک از رسائلِ نعیمیہ، ص۳۵)
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
عاشقانِ رسول اسلامي ڀينرون! حضرت سَيدُنا امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي ذهانت مرحبا! يقيناً عقل الله پاڪ جي وڏي عظيم نعمت آهي۔ دنيا ۽ آخرت جي معاملن ۾ عقل جو درست استعمال ڪيئي ڪاميابيون ڏياري سگھي ٿو۔ عقل ئي صحيح ۽ غلط ۾ فرق ڪري ٿو، عقل ئي انسان جو رهنما آهي، ڪهڙو ڪم ڪرڻو آهي ۽ ڪهڙو ڪم ناهي ڪرڻو، اهو فيصلو عقل ئي ڪندو آهي، بهترين عقل اهو آهي جيڪو انسان کي نيڪين جي راھ جو مسافر بڻائي رکي، بدترين عقل اهو آهي جيڪو انسان کي بُرائين جي راھ تي هلائي۔ اچو! دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي دلچسپ ڪتاب ” دین و دنیا کی انوکھی باتیں “ مان عقل جي باري ۾ ٻه فرمانِ مصطفيٰ ٻڌون ٿيون:
1۔ فرمايائون: جڏهن الله پاڪ عقل کي پيدا فرمايو: ان کي فرمايائون: اڳتي اچ ته اهو اڳتي اچي ويو، فرمايو: پوئتي وڃ ته اهو پوئتي هليو ويو۔ الله پاڪ ارشاد فرمايو: مون کي پنهنجي عزت ۽ جلال جو قسم! مون ڪا اهڙي مخلوق پيدا ناهي ڪئي جيڪا مون وٽ تو کان وڌيڪ عزت واري هجي۔ مان تنهنجي ئي سبب پڪڙيندس، تنهنجي ئي سبب عطا ڪندس،