Imam e Azam Ki Zahana

Book Name:Imam e Azam Ki Zahana

وڃڻ واري راھ آهي۔ پر جهڙي طرح بيماري کان بعد انسان جي وات جو ذائقو خراب ٿي ويندو آهي ۽ ان کي مٺي ۽ لذيذ غذاء به ڪوڙي (Bitter) لڳندي آهي، اهڙي طرح گناهن جي ڪثرت ۽ غفلت ۾ زندگي گذارڻ جي ڪري عبادت ۾ به دل ناهي لڳندي، پر جهڙي طرح آهستي آهستي وات جو ذائقو ٺيڪ ٿيندو ويندو آهي، اهڙي طرح باتڪلف ڪئي ويندڙ عبادت به آهستي آهستي انسان جي ظاهر و باطن جي قرار جو سبب بڻجندي ويندي آهي ۽ پوءِ هڪ وقت ايندو آهي جو عبادت جي بغير انسان جي دل ناهي لڳندي۔ الله پاڪ اسان کي به اهڙو عبادت جو ذوق نصيب فرمائي۔

عبادتِ الٰهي جا فائدا 

      اعليٰ حضرت جي والد، مفتي نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه عبادت ڪرڻ جا ڪيئي دنياوي ۽ اُخروي فائدا بيان ڪيا آهن، اچو! عبادت جو شوق وڌائڻ جي لاءِ انهن مان ڪجهه ٻڌون ٿيون: ٭ (جيڪا عبادت ڪري ٿي الله پاڪ) ان سان محبت ڪندو آهي۔ ٭ (جيڪا عبادت ڪري ٿي الله پاڪ) ان جا سڀئي ڪم درست ڪندو آهي۔ ٭ (جيڪا عبادت ڪري ٿي الله پاڪ) ان جي رِزق جو ضامن ٿيندو آهي۔ (يعني۔ ان جي رِزق جو ذِمّو الله پاڪ تي هوندو آهي) ٭( جيڪا عبادت ڪري ٿي الله پاڪ) ان جي مدد ڪندو آهي ۽ دشمنن جي شر ۽ فساد کان محفوظ رکندو آهي۔ ٭ (جيڪا عبادت ڪري ٿي) موت جي سختي کان محفوظ رهندي آهي۔ ٭ (جيڪا عبادت ڪري ٿي) پروردگارِ عالَم ان کي ان وقت ايمان ۽ معرفت تي ثابت رکندو آهي ۽ شيطان جي وسوسي ۽ اغوا (ڌوڪي) کان بچائيندو آهي۔ ٭ (جيڪا عبادت ڪري ٿي ملائڪ) ان کي قبر جي فتني کان امن ۾ رکندا آهن ۽ نڪيرين جي سوال جو جواب سيکاريندا آهن، ان جي قبر کي روشن ۽ ڪشادي ڪندا آهن ۽ ان جي قبر ۾ بهشت (جنّت) جي طرف جي دري کوليندا آهن۔ ٭ (جيڪا عبادت ڪري ٿي ملائڪ ان کي) حوضِ ڪوثر جو پاڻي پيئاريندا، ان جي پيئڻ کان پوءِ اڃ ان وٽ ڪڏهن نه ايندي۔ ٭ (جيڪا عبادت ڪري ٿي) پُلِ صراط تان آساني سان گذري ويندي، ٭ (جيڪا عبادت ڪري ٿي ملائڪ ان کي) خدا جي ديدار سان مشرف ڪندا ۽ اها نعمت سڀني نعمتن کان افضل ۽ سڀني ڪرامتن کان اڪمل آهي۔ (الڪلام الاوضح، ص ۳۲۷۔۳۲۸ملتقطاً)