Book Name:Imam e Azam Ki Zahana
اعتراف ڪندا نظر اچن ٿا۔ امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي زماني وارا ۽ سندن ويجهي دور جا عالم سندن جي باري ۾ ڇا تاثرات رکندا آهن، اچو! ٻڌون ٿيون:
حضرت يزيد بن هارونرَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه چون ٿا: مون هڪ هزار استادن کان پڙهيو ۽ علم حاصل ڪيو، پر خدا جو قسم! امامِ اعظم ابوحنيفه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه انهن سڀني کان وڌيڪ پرهيزگار هئا۔ امامِ اعظم ابوحنيفه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه انهن سڀني کان وڌيڪ مضبوط حافظي وارا هئا ۽ امامِ اعظم ابو حنيفه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه انهن سڀني کان وڌيڪ ذهين ۽ عقلمند هئا۔
ڪروڙين شافعين جو پيشوا امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا ته ابوحنيفه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان وڌيڪ ڪو عقلمند انسان پيدا ناهي ٿيو۔ (حدائق الحنفيه،ص ۱۰۶بتغير قليل)
امام سُفيان ثوري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ ڀيري فرمايائون: امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه رُوءِ زمين جا سڀ کان وڌيڪ فقيه (يعني علمِ فقه جا عالم) آهن۔ (الخيرات الحسان، ص ۱۰۵)
اي عاشقانِ اوليا! واقعي!امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي وقت جا تمام وڏا فقيه هئا۔ سوين وڏا فقيه ۽ عالم پاڻ تيار ڪيائون، لکين مسئلا قرآن و حديث مان ڪڍي بيان ڪيائون، مسئلا اخذ ڪرڻ جا کوڙ قانون ٺاهيا، وڏن وڏن مشڪل مسئلن کي منٽن ۾ حل ڪري ڏيکاريائون، علمِ حديث جي فروغ ۾ تمام وڏو ڪردار ادا ڪيائون، اَلغَرَض! پاڻ واقعي پنهنجي وقت جا ”امامِ اعظم“ هئا۔ اچو! سندن ذهانت ۽ فطانت تي مشتمل هڪ ٻيو واقعو ٻڌون ٿيون:
هڪ ڀيري ڪنهن شخص حضرت سَيدُنا امام اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي خدمت ۾ حاضر ٿي عرض ڪيائين: مون ڪجھ رقم (Amount) هڪ هنڌ احتياط سان رکي هئي، هاڻي مون کي سخت ضرورت آهي پر مون کي ياد نه پيو اچي ڪهڙي هنڌ رکي هئي، اوهان ڪا تدبير فرمايو، پاڻ ان کي فرمايائون: توهان