Imam e Azam Ki Zahana

Book Name:Imam e Azam Ki Zahana

      فرمايائون: اَللهَ اَللهَ فِي اَصْحَابِي منهنجي صحابين جي باري ۾ الله کان ڊڄو! خدا جو خوف ڪريو! لَا تَتَّخِذُوْھُمْ غَرَضًا بَعْدِي انهن کي مون کان پوءِ نشانو نه بڻائجو! فَمَنْ اَحَبَّھُمْ فَبِحُبِّي اَحَبَّھُمْ جنهن انهن کي محبوب رکيو منهنجي محبت جي ڪري محبوب رکيو۔ وَمَنْ اَبْغَضَھُمْ فَبِبُغْضِي اَبْغَضَھُمْ ۽ جنهن انهن سان بغض رکيو اهو مونسان بغض رکي ٿو، ان ڪري انهن سان بغض رکيائين۔ وَمَنْ اٰذَا ھُمْ فَقَدْ اٰذَانِي جنهن انهن کي اِيذاء ڏنو ان مون کي ايذاء ڏنو۔ وَمَنْ اٰذَانِي فَقَدْ اَذَي اللّٰه جنهن مون کي ايذاءُ ڏنو ان بيشڪ الله پاڪ کي ايذاء ڏنو۔ وَمَنْ اٰذَي اللّٰه يوْشِڪ اَنْ يأْخُذَه جنهن الله پاڪ کي ايذايو قريب آهي ته الله پاڪ ان جي پڪڙ فرمائي۔     (ترمذي،ڪتاب المناقب، باب في من سب اصحاب النبي، ۵/۴۶۳، حديث:۳۸۸۸)

       دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي ڪتاب بهارِ شريعت ۾ آهي: ڪنهن صحابي سان بُري عقيدت رکڻ بدمذهبي، گمراهي ۽ جهنم ۾ وٺي ويندڙ ڪم آهي، ڇوته اهو حضورِ اقدس صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان بُغض آهي۔ تمام صحابَه ڪرام اعليٰ و ادنيٰ (۽ انهن ۾ ادنيٰ ڪوبه ناهي) سڀئي جنّتي آهن۔

 (بهارِ شريعت، ۱/۲۵۲و۲۵۴)

اَہلِ سُنَّت کا ہے بیڑا پار اَصْحاب ِ حُضُور

نَجْم ہیں اور ناؤ ہے عِتْرت رَسُولُاللہ کی

(حدائقِ بخشش، ص۱۵۳)

   مختصر وضاحت: يعني صحابَهءِ ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان ستارن جيان آهن جڏهن ته اهلِ بيتِ مصطفيٰ ڪشتي جيان آهن۔ اهلِ سُنَّت انهن ٻنهن جو سهارو ورتو آهي، تنهنڪري انهن جو ٻيڙو پار ٿيندو۔

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

عاشقانِ رسول اسلامي ڀينرون! اسان امامِ اعظم ابو حنيفه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي ذهانت بابت ٻڌي رهيون هيوسين۔ اچو! ڪجھ سندن جي سيرت ۽ ڪردار بابت ٻڌون ٿيون:

امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو مختصر تعارف:

حضرت سيدنا امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو مبارڪ نالو نُعمان آهي، حضرت