Imam e Azam Ki Zahana

Book Name:Imam e Azam Ki Zahana

ٻه مدني گُل:  (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

      (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندَس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندَس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين اسلامي ڀينرن جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندَس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندَس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندَس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ واريءَ جي دِل جوئي جي لاءِ آهسته آواز سان جواب ڏيندَس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندَس۔دوران بيان موبائل جي غيرضروري استعمال کان بچندَس،نه بيان ريڪارڊ ڪندَس نه ئي ٻئي ڪنهن قسم جو آواز ڇو ته ان جي اجازت ناهي،جيڪو ڪجهه ٻُدَندَس،ان کي ٻڌي ۽ سمجهي ڪري ان تي عمل ڪرڻ ۽ ان کي بعد ۾ ٻين تائين پهچائي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندَس.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

عاشقانِ رسول اسلامي ڀينرون!  امامِ اعظم، فقيه افخم (يعني تمام وڏا عالِم)، ڪروڙين حنفين جا عظيم پيشوا حضرت سيدنا امام اعظم ابو حنيفه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو يوم عُرس 2 شعبان جو ملهايو ويندو آهي، هونءَ ته امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي پاڪيزه زندگي ڪيئي سنهري پهلوئن سان ڀريل آهي، سندن تقويٰ، پرهيزگاري، خوفِ خدا، ڪثرتِ عبادت، طلبِ علم دين، عشقِ رسول، فڪرِ آخرت سميت ڪيئي سٺن وصفن جا جامع هئا، ان سان گڏوگڏ پاڻ پنهنجي خداداد ذهانت ۾ به بي مثل ۽ بي مثال هئا۔ اڄ جي بيان ۾ اسان سندن جي حيرت انگيز ذهانت بابت ٻڌنديون سين۔ سندن جي ذهانت جا مختلف واقعا بيان ڪيا ويندا ۽ انهن مان حاصل ٿيندڙ مدني گل به پيش ڪيا ويندا۔ ڪاش! سڄو بيان سٺين سٺين نيتن سان ٻڌڻ نصيب ٿي وڃي۔ اچو سڀ کان پهريان سندن جي  ذهانت  متعلق  ڀرپور انفرادي ڪوشش تي مشتمل هڪ حڪايت