Imam e Azam Ki Zahana

Book Name:Imam e Azam Ki Zahana

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب“سنتیں۽آداب” هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ

اعلانات

اي عاشقانِ اولياء اسلامي ڀينرون! عنقريب رمضان جي مهيني جي آمد آمد آهي، ماهِ رمضان جي برڪتن جو ته ڇا چوڻ جو ان ۾ نفل جو ثواب فرض جي برابر ۽ فرض جو 70 ڀيرا وڌايو ويندو آهي، سڀئي ذميدار اسلامي ڀينرون هي نيت ڪن ته ماهِ رمضان جي برڪت کي ماڻڻ جي لاءِ ٻه اهم مدني ڪم ماهوار مدني حلقو ۽ هفته وار مدني دوري ۾ لازمي شرڪت ڪنديون سين.

سڀئي اسلامي ڀينرون نيت فرمائن ته هفته وار سنتن ڀري اجتماع ۾ پابنديءَ سان شرڪت ڪنديون سين جو جيڪڏهن اسان پابنديءَ سان هفته وار سنتن ڀري اجتماع ۾ شرڪت ڪنديون سين ته سٺيون سٺيون ڳالهيون سکنديون رهنديون سين. اِنْ شَــآءَالـلّٰـه

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                        صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

ايندڙ هفتيواراجتماع جي بيان جون جھلڪيون

اي عاشقانِ رسول اسلامي ڀينرون! اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! آئنده هفتيوار سنتن ڀري اِجتماع جو موضوع آهي: ’’دل جوئي جون فضيلتون‘‘ جنهن ۾ دل جُوئي جي فضيلت تي حديث سڳوريون ۽ بزرگن جا اقوال پيش ڪيا ويندا۔ اسان جا بزرگ سڳورا دل جوئي جا ڪيترا عادي هئا ان جا به ڪجھ واقعا پيش ڪيا ويندا۔ ڪن ڪن معاملن سان اسان مسلمانن جي دل جوئي ڪري سگھون ٿا اهو به بيان ڪيو ويندو۔ وڌيڪ ڪيئي مدني گل به پيش ڪيا ويندا۔ لهٰذا! آئنده اربع به اجتماع ۾ حاضري جي نيت ڪريو، نه صرف پاڻ اچڻ جي بلڪ اِنفرادي ڪوشش ڪري ٻين کي به گڏ آڻڻ جي نيت ڪريو ۽ هٿ کڻي زور سان چئو: اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                                                     صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد