Book Name:Imam e Azam Ki Zahana
عبادت میں گزرے مری زندگانی
کرم ہو کرم! یاخدا! یاالٰہی!
مُسَلماں ہے عطارؔ تیری عطا سے
ہو ایمان پر خاتِمہ یاالٰہی!
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
اي عاشقانِ رسول اسلامي ڀينرون!اسان کي به ڪثرت سان عبادتِ الٰهي کي پنهنجو معمول بنائڻ گھرجي۔ هن ۾ شڪ ناهي ته غفلت ڀري ماحول ۾ رهي ڪري انسان به غفلت جو شڪار ٿي ويندو آهي، جڏهن ته جيڪڏهن اهڙو ماحول ملي وڃي جنهن ۾ خوب خوب عبادت ڪرڻ جو ذهن ڏنو وڃي ته عبادت ڪرڻ آسان ٿي ويندو آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي جو مدني ماحول نه صرف گناهن جي نفرت دل ۾ بيدار ڪندو آهي بلڪ گھڻي عبادت تي به اُڀاريندو آهي، ذيلي حلقي جا 8 مدني ڪم به عبادتن ۾ شامل آهن۔ لهٰذا اسان کي به دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي ذيلي حلقي جي 8 مدني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺندو رهڻ گھرجي۔
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
اي عاشقانِ رسول اسلامي ڀينرون!بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿي، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي؛ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو.
(مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،الفصل الثانی،۱/۵۵،حدیث:۱۷۵)
سُنّتیں عام کریں دین کا ہم کام کریں نیک ہو جائیں مسلمان مدینے والے
اي عاشقانِ رسول اسلامي ڀينرون! اچو! مطالعو ڪرڻ جي باري ۾ ڪجھ