Book Name:Imam e Azam Ki Zahana
عاشقانِ رسول اسلامي ڀينرون! اوهان ڏٺو ته! حضرت سَيدُنا امام اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ڪيتري عقل مندي ۽ ذهانت (Intellect) جو مظاهرو ڪندي اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ سَيدُنا عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي شان ۽ عظمت کي تسليم نه ڪرڻ واري تي انفرادي ڪوشش ڪيائين، وڏي ذهانت ۽ پيار ۽ شفقت سان ڀريل انفرادي ڪوشش جو نتيجو اهو نڪتو جو اهو شخص توبه ڪري اَمِيرُ المؤمنين حَضرتِ سَيدُنا عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو شان تسليم ڪرڻ وارو بڻجي ويو۔ هن حڪايت مان اهو به درس مليو ته مبلغه کي انفرادي ڪوشش ڪندي موقعي جي مناسبت سان حڪمتِ عملي جو به استعمال ڪرڻ گھرجي۔ ڪڏهن ڪڏهن حڪمتِ عملي (Strategy) جي چاٻي سان وڏا وڏا بند دروازا به آساني سان کلي ويندا آهن۔
صحابَه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان جو ادب ڪريو!
اهو به ياد رکو! صحابَه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان سان هميشه ادب ۽ تعظيم سان پيش اچڻ گھرجي۔ صحابَه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان اهي مقدس ۽ پاڪيزه هستيون آهن، جن کي الله جي پياري حبيب، مڪي مدني طبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي صحبت ۽ رفاقت جي عظيمُ الشّان سعادت ملي۔ ٭ هي اهي عظيم هستيون آهن جن وحي جا انوار پنهنجن اکين سان ڏٺا۔ ٭ هي اهي عظيم هستيون آهن جن جي تربيت (Training) خود خُلقِ عظيم جي پيڪر، تمام نبين جي سَروَر صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پاڻ فرمائي۔ ٭ هي اهي عظيم هستيون آهن جن آقا ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي معمولات کي پنهنجي اکين سان ڏٺائون۔ ٭ هي اهي عظيم هستيون آهن جن رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي معجزن کي ڏٺو، ٭ هي اهي عظيم هستيون آهن جن مال، دولت جان سميت هر شيء راھ خدا ۾ قربان ڪري ڇڏي۔ ٭ هي اهي عظيم هستيون آهن جن پنهنجي ٻچڙن جي رت جو نظرانو پيش ڪري اسلام جو شان بلند ڪيو۔ ٭ هي اهي عظيم انسان آهن جن تبليغِ دين جي لاءِ هر طرح جون مشقتون برداشت ڪيون۔ مطلب ته! ٭ هي اهي آهن جن جي قربانين جو ئي صلو آهي جو اڄ اسلام جو جهنڊو هر پاسي لهرائي رهيو آهي۔ تنهنڪري!! انهن جي تعظيم ۽ توقير هر مسلمان تي لازم آهي، انهن جو تذڪرو ادب ۽ محبت سان ڪرڻ هر مسلمان تي ضروري آهي۔ پاڻ رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن انهن جي باري ۾ وصيتون ۽ نصيحتون فرمايون۔ اچو! انهيء باري ۾ فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ٻڌون ٿيون: