Imam e Azam Ki Zahana

Book Name:Imam e Azam Ki Zahana

هجي، ان کي ”ذهين(Intelligent) چوندا آهن۔ امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه گھڻا ذهين شخص هئا، ڳالھ کي جلدي سمجھڻ ۽ مشڪل کان مشڪل مسئلي جو يڪدم حل ڪڍڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئا۔ اچو سندن جي ذهانت جي متعلق هڪ ٻيو واقعو ٻڌون ٿيون:

مرد ۽ عورت جو عجيب قَسَم

منقول آهي ته حضرت سَيدُنا امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي دور ۾ هڪ شخص ڪنهن ڳالھ تي پنهنجي ٻارن جي امي (يعني زال) سان ناراض ٿي پيو ته ان ڪاوڙ ۾ قسم کڻي ان کي چيائين: مان تو سان ان وقت تائين نه ڳالهائيندس جيستائين تون مون سان نه ڳالھائين۔ هوڏانهن ڪاوڙ ۾ ان جي زال  به قسم کڻي اهي ئي لفظ ورجايا جيڪي ان جي مڙس چيا هئا، جڏهن ڪاوڙ ختم ٿي ته ٻنهين کي ڏاڍو افسوس ٿيو، مسئلي جي حل جي لاءِ مڙس پهريان حضرت سفيان ثوري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه وٽ ويو ۽ انهن کي اهو معاملو عرض ڪيائين، انهن فيصلو ڏنو ته هن مسئلي جو ڪو حل نه آهي، توهان مان جيڪو به پهريان ڳالھائيندو ان کي قسم ٽوڙڻ جو ڪفارو ڏيڻو پوندو۔ حضرت سفيان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کانپوءِ  اهو ئي شخص حضرت سَيدُنا امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ مسئلي جو حل معلوم ڪيائين۔ حضرت سَيدُنا امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن فرمايو: توهان پنهنجي زال سان ڳالھ ٻولھ شروع ڪري ڇڏيو، ڪنهن تي ڪو ڪفارو نه ٿيندو۔

جڏهن هن ڳالھ جي خبر حضرت سفيان ثوري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي پئي ته ان شخص کي فرمايائون: وري وڃي پڇا ڪيو، ان ٻيهر اهو ئي سوال حضرت سَيدُنا امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کان پڇيو۔ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه اهو ئي جواب ڏنو، ان تي حضرت سفيان ثوري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه حضرت سَيدُنا امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه وٽ ويا ۽ پڇا ڪيائون: اوهان هن مسئلي جو اهو جواب ڪيئن ڏنو؟ حضرت سَيدُنا امام اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمايائون: مرد جي قسم کڻڻ کان پوءِ جڏهن عورت اهو چيو ته ”مان به تو سان نه ڳالهينديس“ اهو جملو چوندي ئي عورت مرد سان ڳالهائي ته وڌو۔ تنهنڪري جيڪڏهن هاڻي مرد ڳالهائڻ شروع ڪندو ته ان جو قسم نه ٽٽندو، ان ڪري ان تي ڪنهن قسم جو ڪفارو به نه ٿيندو۔ اهو ٻڌي حضرت سفيان ثوري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه چيو: ابو حنيفه ! توهان تي اهي علوم ظاهر ٿيا