Book Name:Imam e Azam Ki Zahana
تنهنجي سبب حساب وٺندس ۽ تنهنجي ئي سبب سزا ڏيندس۔ (شعب الايمان، باب في تعديد نعم الله، فصل في فضل العقل،۴/۱۵۴، حديث:۴۶۳۳ ملتقطاً، مسند الفردوس،۱/۲۹، حديث:۴بتغير)
(2) صحابي رسول حضرت سَيدُنا ابودردا رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ بيان ڪن ٿا ته الله جي رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مون کي فرمايو: اي عُوَيمر! پنهنجي عقل ۾ اضافو ڪريو! توهان جي قُربِ الٰهي ۾ به اضافو ٿيندو۔ مون عرض ڪيو: منهنجا ماءُ پيءُ اوهان تي قربان ٿين! مان پنهنجي عقل ۾ ڪيئن اضافو ڪري سگھان ٿو؟ ارشاد فرمايائون: الله پاڪ جي حرام ڪيل ڳالهين کان پاسو ڪريو ۽ ان جي فرضن کي ادا ڪريو توهان عقلمند بڻجي ويندو، پوءِ نيڪ عملن کي پنهنجو معمول بڻايو، دنيا ۾ توهان جي عقل ۾ زيادتي ٿيندي ۽ الله پاڪ جو قُرب نصيب ٿيندو۔ (بغية الباحث عن زوائد مسند الحارث، ڪتاب الادب، باب ما جاء في العقل، ۲/۸۰۸، حديث:۸۲۹)
حافظو مضبوط ۽ ڪمزور ڪرڻ وارا ڪجھ ڪم
عاشقانِ رسول اسلامي ڀينرون! معلوم ٿيو ته الله پاڪ جي رِضا وارن ڪمن کي سڃاڻڻ، انهن تي عمل ڪرڻ ۽ ان جي حرام ڪيل ڪمن کان رڪجي وڃڻ عقل ۾ اضافي جو سبب آهي۔ جهڙي طرح نيڪي عقل کي وڌائيندي ۽ حافظي (Memory) کي مضبوط ڪندي آهي، اهڙي طرح گناھ عقل کي ختم ڪندا ۽ حافظي کي ڪمزور ڪندا آهن۔ روزانو ڪيا ويندڙ ڪيئي اهڙا ڪم آهن جن مان ڪجهه سان حافظو مضبوط ٿيندو آهي جڏهن ته ڪجهه حافظو ڪمزور ڪندا آهن۔ الله پاڪ جي رضا ۽ علمِ دين جو فيضان ماڻڻ سميت آخرت بهتر ڪرڻ وارن ڪمن ۾ پنهنجي ذهانت استعمال ڪرڻ جي لاءِ حافظو مضبوط ڪريو۔ اچو! دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي ڪتاب ”حافظہ کیسے مضبوط ہو “ مان حافظو مضبوط ۽ ڪمزور ڪرڻ بابت ڪجھ ڪم ٻڌون ٿيون:
٭ تلاوتِ قرآن ڪرڻ سان حافظو مضبوط ٿيندو آهي۔ (ص،۱۸۶) ٭ نماز پڙهڻ به حافظو مضبوط ڪندي آهي۔ ٭ دُرُود شريف پڙھڻ سان به حافظو قوي (مضبوط) ٿيندو آهي۔ ٭ حلال، پاڪيزه ۽ صحت بخش غذائون دل ۽ دماغ کي مضبوط ڪرڻ سان گڏوگڏ حافظو به مضبوط ڪنديون آهن۔ (ص، ۱۸۷) ٭ گناهن ڀري گفتگو