Book Name:Imam e Azam Ki Zahana
ڪرڻ ۽ ٻڌڻ کان بچڻ سان حافظو مضبوط ٿيندو آهي۔
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
٭ فضول گوئي سان حافظو ڪمزور ٿيندو آهي۔ ٭ ڪوڙ ڳالهائڻ سان حافظو ڪمزور ٿيندو آهي۔ ٭ بدنگاهي به حافظي جي ڪمزور هئڻ جو سبب آهي۔ ٭ نماز ۾ سُستي ڪرڻ به حافظي کي ڪمزور ڪندو آهي۔ ٭ ڪثرت سان سمهڻ خاص ڪري نمازِ چاشت جي وقت (نمازِ چاشت جو وقت سج نڪرڻ کان گھٽ مان گھٽ 20 منٽ بعد شروع ٿيندو آهي) سمهڻ سان به حافظو ڪمزور ٿيندو آهي۔ (حافظه ڪيسے مضبوط هو؟، ص،۱۶۹ تا۱۷۶ملتقطاً)
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
عاشقانِ رسول اسلامي ڀينرون! چڱن ۽ نيڪ ماڻهن جي صحبت ۾ رهڻ به حافظي کي مضبوط ڪندو آهي، لهٰذا اوهان به خوفِ خدا ۽ عشقِ رسول رکڻ وارين اسلامي ڀينرن جي صحبت اختيار ڪيو هن جو هڪ ذريعو دعوتِ اسلامي جو مدني ماحول به آهي۔ هن پاڪيزه مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃو اِنْ شَآءَ الله نه صرف نيڪ بڻجڻ جو جذبو پيدا ٿيندو بلڪ ان جي برڪت سان حافظو به مضبوط ٿيندو۔
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي باري ۾ عالم سڳورن جا تاثّرات
عاشقانِ رسول اسلامي ڀينرون! اسان امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي ذهانت بابت ٻڌي رهيون هيون سين، الله پاڪ امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي اهڙي ذهانت ۽ عقل عطا ڪيو هو جو وڏن وڏن مشڪل مسئلن جو حل ڪڍي وٺندا هئا۔ بعد وارا عالم سڳورا ته سندن ذهانت جو اعتراف (Acknowledge) ڪندا آهن پر گڏوگڏ پاڻ امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي زماني وارا فقهاء به سندن ذهانت جو