Imam e Azam Ki Zahana

Book Name:Imam e Azam Ki Zahana

ٻڌون ٿيون:

عُثمانِ غني جو شان تسليم نه ڪرڻ واري تي انفرادي ڪوشِش

ڪوفه ۾ هڪ شخص اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ سَيدُنا عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي شان ۽ عظمت کي تسليم نه ڪندو هو۔ هڪ ڀيري سيدُنا امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ان وٽ تشريف وٺي ويا ۽ پنهنجي ذهانت کي استعمال ڪندي ان تي انفرادي ڪوشِش ڪيائون ۽ فرمايائون: مون اوهان جي ڌيءُ جي لاءِ رِشتو آندو آهي، ڇوڪرو اهڙو آهي جو بس ان تي هر وَقت خوفِ خدا جو غَلَبو رهندو آهي، نهايت مُتَّقي ۽ وڏو پرهيزگار آهي ۽ سڄي سڄي رات عبادت ۾ گذاريندو آهي، ڇوڪري جون اهي خوبيون (Qualities) ٻڌي هن شخص چيو: تمام سٺو! اهڙو نياڻو ته اسان جي سڄي خاندان جي لاءِ سعادت جو سبب ٿيندو! امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمايائون: پر ان ڇوڪري ۾ هڪ عيب آهي، عيب اهو آهي ته ان جو مذهب ٻيو آهي، اهو ڇوڪرو مسلمان نه آهي۔ اهو ٻڌندي ئي اهو شخص غصي ۾ اچي ويو ۽ ڪاوڙجي چيائين: اوهان ڪهڙا امام آهيو؟ مون کي اهو مشورو ڏئي رهيا آهيو ته مان پنهنجي ڌيءُ جي شادي هڪ غير مسلم سان ڪيان؟ حضرت سَيدُنا امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه وڏي نرمي سان فرمايائون: ڀاءُ! جڏهن اوهان پنهنجي نياڻي هڪ غير مسلم جي نِڪاح ۾ ڏيڻ جي لاءِ تيار نه آهيو ته اهو ڪيئن ٿي سگھي ٿو ته الله جا مَحبوب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هڪ جي پٺيان ٻي پنهنجون ٻه شهزاديون ڪنهن غير مسلم جي نڪاح ۾ ڏئي ڇڏين؟ اهو ٻڌي ان جو عَقل پنهنجي جاءِ تي آيو ۽ گھڻو شرمسار ٿيو ۽ سيدُنا عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ  جي شان ۽ عظمت ۽ مقام ۽ مرتبي جو اعتراف ڪرڻ وارو بڻجي ويو۔  

                                                                   (اَلْمَناقِب لِلْڪرْدَرِي، ۱/۱۶۱ بتغير)

ہمارے آقا ہمارے مَولی امامِ اعظم ابوحنیفہ

ہمارے ملجاء ہمارے ماویٰ امامِ اعظم ابوحنیفہ

زمانے بھر نے زمانے بھر میں بہت تجسس کیا و لیکن

مِلا نہ کوئی امام تم سا امامِ اعظم ابوحنیفہ

    (دیوانِ سالک از رسائلِ نعیمیہ،ص۳۵)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد