Book Name:Nekiyan Chupayye

اڪيلائي ۾ عبادت جي فضيلت

          تابعي بزرگ حضرت ڪعبُ الاَحباررَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جنهن هڪ رات به الله ڪريم جي اهڙي عبادت ڪئي جو ان کي ڪو سڃاڻڻ وارو نه ڏسي ته اهو گناهن کان ائين نڪري ويو جيئن پنهنجي رات کان (ڏينهن جي طرف) نڪري ويندو آهي۔ (حلیۃ الاولیاء،کعب الاحبار،۵/۴۲۰، رقم:۷۵۹۰)

عملن کي لڪائڻ جي فضيلت

وڌيڪ فرمائن ٿا: جنهن کي اهو پسند هجي ته ملائڪن جي هڪ وڏي جماعت ان جي لاءِ دعاءِ مغفرت ڪري، ان جي حفاظت ڪري ۽ غمن کان بي نياز ٿي وڃي ته ان کي گھرجي ته جيترو ٿي سگھي گھر ۾ لڪي نماز پڙھي۔

صدقو ۽ خيرات پوشيده طور ڏيڻ وارن جي تعريف قرآنِ ڪريم ۾ ڪئي وئي آهي. جيئن سيپاري 3 سورة البقره جي آيت نمبر 271 ۾ خداءِ ڪريم جو فرمانِ عاليشان آهي:

اِنْ تُبْدُوا الصَّدَقٰتِ فَنِعِمَّا هِیَۚ-وَ اِنْ تُخْفُوْهَا وَ تُؤْتُوْهَا الْفُقَرَآءَ فَهُوَ خَیْرٌ لَّكُمْؕ-وَ یُكَفِّرُ عَنْكُمْ مِّنْ سَیِّاٰتِكُمْؕ-وَ اللّٰهُ بِمَا تَعْمَلُوْنَ خَبِیْرٌ(۲۷۱)

ترجمو ڪنزالايمان: جيڪڏهن توهان خيرات ظاهر ڪري ڏيو ته ڪهڙي نه چڱي ڳالھ آهي، ۽ جيڪڏهن لڪائي فقيرن کي ڏيو ته اهو توهان جي واسطي سڀ کان ڀلو آهي ۽ ان ۾ توهان جا ڪجهه گناھ گهٽ ٿيندا ۽ الله کي توهان جي ڪمن جي خبر آهي.

نيڪين کي لڪائڻ لاءِ ڪوڙ ڳالهائڻ ڪيئن ؟

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! رياڪاري وغيره جي تباهڪاري کان بچڻ