Book Name:Nekiyan Chupayye

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! انسان کي گهرجي ته ان جي اندر جيڪا به خوبي هجي يا ان کي ڪو به نيڪ عمل ڪرڻ جي سعادت نصيب ٿئي ته الله پاڪ جو شڪر ادا ڪري جو ان اها خوبي ۽ نيڪ عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي آهي. پوءِ عمل ڪري وٺڻ کان بعد خوف جي ڪيفيت طاري هئڻ گهرجي جو خبر ناهي ان جو اهو عمل بارگاھِ اِلاهي ۾ مقبول به آهي يا نه؟ جڏهن عمل جي قبوليت جو علم ئي ناهي ته ان عمل جي باري ۾ ٻين کي ٻڌائڻ ۽ ڏَسڻ جو ڇا فائيدو؟  ها! جيڪڏهن اهو نيڪ عمل بارگاھِ الاهي ۾ مقبول آهي ته ان جي جزا ڏيڻ وارو پالڻهار ان کي خوب ڄاڻي ٿو تنهنڪري پنهنجي واتان پنهنجي خوبين ۽ نيڪين جو اظهار ڪري پنهنجي جانين کي سٿرو نه ٻڌايو وڃي. ڇوته قرآنِ ڪريم ۾ ان جي ممانعت بيان ڪئي وئي آهي. سيپاري 27 سورة النجم جي آيت نمبر 32 ۾ ارشاد ٿئي ٿو:

فَلَا تُزَكُّوْۤا اَنْفُسَكُمْؕ-هُوَ اَعْلَمُ بِمَنِ اتَّقٰى۠(۳۲)    

ترجمو: پوءِ توهان پنهنجي پاڻ واکاڻ نه ڪيو اهو خوب ڄاڻي ٿو جيڪي پرهيزگار آهن.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

نيڪيون ظاهر ڪرڻ جا نقصان

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! هن آيتِ ڪريمه ۾ الله پاڪ پنهنجي نيڪين کي فخريه طور بيان ڪرڻ کان منع ڪيو آهي، جيڪي پنهنجون نيڪيون ظاهر ڪنديون آهن اهي (1) تڪبر ۾ مبتلا ٿي سگهن ٿيون. (2) جيڪي پنهنجون نيڪيون ظاهر ڪن ٿيون، اهي حب جاھ جي آفت ۾ گرفتار ٿي سگهن ٿيون. (3) جيڪي پنهنجون نيڪيون ظاهر ڪن ٿيون اهي خودپسندي