Book Name:Nekiyan Chupayye

ايندڙ هفتيواراجتماع جي بيان جون جھلڪيون

          پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اِنْ شَآءَ الله!         ايندڙ هفتيوار اِجتماع جو موضوع هوندو؛ ايمان جي سلامتي  جنهن ۾ اسان ٻڌنديون سين ته قرآن و حديث ۾ ايمان تي ثابت قدم رهڻ جي ڪيتري قدر تاڪيد بيان ڪئي وئي آهي، هڪ مسلمان کي ايمان جي سلامتي جي لاءِ ڪيتري قدر فڪر مند رهڻ جي ضرورت آهي، اسان جا بزرگ سڳورا ايمان جي حفاظت جي لاءِ ڪيترو فڪر مند رهندا هئا، آخرت ۾ نجات جي لاءِ ڪهڙيون تدبيرون اختيار ڪيون وڃن ان کان علاوه ڪجھ اهڙا معاملا به بيان ڪيا ويندا جيڪي ايمان جي لاءِ نقصان ده آهن۔ لهٰذا! آئنده اربع به اجتماع ۾ حاضري جي نيت ڪريو، نه صرف پاڻ اچڻ جي بلڪ اِنفرادي ڪوشش ڪري ٻين کي به گڏ آڻڻ جي نيت ڪريو ۽ هٿ کڻي چئو: ! اِنْ شَآءَ الله

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد