Book Name:Nekiyan Chupayye

عمل کي ماڻهن جي سامهون ظاهر ڪري ڇڏيندو آهي ته هاڻي ان لاءِ اهو عمل پوشيده جي بدران اعلانيه لکيو ويندو آهي ۽ ثواب ۾ ستر (70) ڀيرا اضافو مٽايو ويندو آهي. شيطان وري انسان کي اڀاريندو رهندو آهي ايسيتائين جو اهو ٻيو ڀيرو ماڻهن جي سامهون ان عمل جو ذڪر ڪندو آهي ۽ چاهيندو آهي ته ماڻهو به هن جو تذڪرو ڪن ۽ ان عمل تي اُن جي تعريف ڪئي وڃي پوءِ ان کي اعلانيه مان مٽائي رياڪاري ۾ لکيو ويندو آهي پوءِ ٻانهو الله پاڪ کان ڊڄِي، پنهنجي دين جي حفاظت ڪري ۽ بيشڪ رياڪاري شرڪِ اصغر آهي. (نیکیاں چھپاؤ،ص22)

بنا دے  مجھ   کو  اِلٰہی  خلوص  کا  پیکر                             قریب آئے نہ میرے کبھی رِیا یا ربّ

(وسائلِ بخشش مرمم، ص۷۸)

حضرت علامه عبدالغني نابلسي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جڏهن ريا ۽ اخلاص مان هرهڪ ۾ شيطاني چالون ۽ ڌوڪي بازيون آهن ته توکي هوشيار رهڻ لازم آهي. پوءِ! جيڪڏهن توکي خبر نه پئي ته تون مخلص آهين يا رياڪار ته پوءِ توکي پنهنجا نيڪ عملَ لڪائڻ ئي بهتر آهي جو هن ۾ تنهنجي لاءِ ڪنهن قسم جو نقصان ناهي.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

 اچو! رياڪاري جي آفت کان نجات ماڻڻ ۽ نيڪيون لڪائڻ جو ذهن بنائڻ لاءِ حضرت داؤد طائي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي سيرت جو ايمان افروز واقعو ٻڌون ٿيون، جيئن

چاليھ سال نفل روزا رکيا پر......

حضرت داؤد طائي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه  مسلسل چاليھ (40) سال تائين روزا رکندا رهيا پر پاڻ