Book Name:Nekiyan Chupayye

لاءِ نيڪين کي لڪائي رکڻ ضروري آهي پر نيڪين کي لڪائڻ لاءِ ڪوڙ ڳالهائڻ جي هرگز اجازت ناهي. مثلاً حج، نفل روزو، نفل نماز، حفظِ قرآن، عالمه هئڻ، يا سيده هئڻ جي متعلق ڪو پڇي ته ڪوڙ ڳالهائڻ جي هرگز اجازت ناهي.

نيڪين جي اظهار جون جائز صورتون

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! نيڪين کي جيترو ٿي سگهي لڪائي رکڻ ئي ۾ عافيت آهي پر ڪجھ صورتن ۾ سٺي نيت سان ان جي اظهار جي به اجازت آهي، مثلاً اهڙي عورت جيڪا ٻين اسلامي ڀينرن جي پيشوا(اڳواڻ) هجي، اسلامي ڀينرون ان سان عقيدت ۽ محبت رکنديون هجن ۽ نيڪ اعمال ۾ ان جي پيروي ڪنديون هجن ته اهڙي عورت جو اسلامي ڀينرن جي ترغيب جي نيت سان پنهنجي عمل کي ظاهر ڪرڻ نه صرف جائز آهي بلڪ افضل آهي.

حضرت عبدالله ابن عُمررَضِىَ اللهُ عَـنْهُمَا کان روايت آهي ته نبي ڪريمصَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمارشاد فرمايو: پوشيده عبادت اعلانيه عبادت کان افضل آهي ۽ جنهن جي انسان پيروي ڪندا هجن ان جي اعلانيه عبادت پوشيده عبادت کان افضل آهي. (شعبُ الایمان ،باب  فی السرور  بالحسنة والاغتمام بالسیئة ،۵/۷۶ ۳ ،حدیث:۷۰۱۲) پنهنجي ذات کان تهمت دور ڪرڻ ۽ اسلامي ڀينرن کي بدگماني کان بچائڻ لاءِ به پنهنجي عمل کي ظاهر ڪرڻ جي اجازت آهي. جيئن تفسيرِ روح البيان ۾ آهي ته جيڪڏهن نيڪ عمل فرائضن مان هجن ته فرائض جي حق مان اهو آهي ته ان جو اعلان ۽ تشهير ڪئي وڃي. رسولِ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمجو فرمانِ عظيم آهي: الله پاڪ جي فرضن کي لڪائڻ نه گهرجي. (النھایه ، باب الغین  مع المیم،۳/۳۴۸)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد