Book Name:Nekiyan Chupayye

گهر جا ڪم ڪار ڪري وٺندا هئا.

عطا کردے اخلاص کی مجھ کو نعمت                                        نہ نزدیک آئے ریا یاالٰہی

صَـلُّوا عَلَى الْـحَـبِيْب                                                                                                                                                   صَـلَّى الـلّٰـهُ عَـلٰى مُـحَـمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! الله پاڪ جا نيڪ ٻانها شهرت کي پسند نه ڪندا هئا جڏهن ته اسان مان هڪ تعداد آهي جيڪا اهڙو انداز اختيار ڪندي آهي جو ان جي شهرت ٿئي، ان جي مشهوري ٿئي، جڏهن ته الله وارا پنهنجين عبادتن ۽ نيڪ عملن کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا، جيئن

شهرت کان پوءِ مان زنده رهڻ نٿو چاهيان

حضرت علامه يافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه نقل ڪن ٿا ته: هڪ بزرگ رَحْمَةُ اللهِ  عَلَيْه هي دعا گهرندا هئا ته ”ياالله! مون کي پنهنجي فضل و ڪرم سان خوب نوار پر مون کي ماڻهن ۾ مشهور نه ڪر جيئن ماڻهو مون کي نه سڃاڻن“ هڪ رات پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه نماز ۾ گريه و زاري فرمائي رهيا هئا ته ڪجهه ماڻهن ڏٺو ته انهن جي مٿي تي هڪ نوراني قنديل(فانوس) روشن آهي جنهن جي روشني اکين کي حيران ڪري رهي آهي. صبح پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي بارگاهه ۾ رات واري ڪرامت جو ذڪر ڪيو ويو ته اهي بي چين ٿي ويا ته ماڻهن تي انهن جي عبادت ڇو ظاهر ٿي وئي؟ يڪدم پنهنجا مبارڪ  هٿ بارگاههِ الاهي ۾ کنيا ۽ عرض ڪيائين:” اي منهنجا رازدار پروردگار! منهنجو راز ته ظاهر ٿي چڪو، هاڻي مان هن شهرت کان پوءِ زندهه نٿو رهڻ چاهيان.“ اهو چوندي پنهنجو مٿو سجدي ۾ رکي ورتو. ماڻهن هِلائي ڏٺو ته هو انتقال ڪري چڪو هو. (روض الرياحين، الحڪاية الخمسون بعد الثلاث مئة، ص.  288)

نيڪيون لڪائڻ جو نرالو انداز

حضرت ابو الحسن محمد بن اسلم طُوسي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه پنهنجون نيڪيون