Book Name:Nekiyan Chupayye

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اڄ جي بيان ۾ اسان نيڪين لڪائڻ جي باري ۾ فضائل ۽ برڪات، آياتِ قرآني، احاديثِ مبارڪه ۽ بزرگانِ دين جي واقعن سان گڏوگڏ تنهائي ۾ عبادت ڪرڻ جا فضائل، تلاوتِ قرآن جا آداب، رياڪاري جون تباهڪاريون ۽ پنهنجي عملن کي لڪائڻ جو جذبو پيدا ڪرڻ جا طريقا ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي. الله پاڪ اسان کي گناهن کان بچڻ ۽ نيڪيون لڪائڻ جو جذبو عطا فرمائي. اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّی اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

 پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿي، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

سمهڻ جاڳڻ جون سنتون ۽ آداب

اچو! شيخ طريقت،امير اهلسنّت دَامَتْ بَـرَکَاتُهمُ الْعَالِيه جي رسالي 101مدني گل مان سمهڻ جاڳڻ جون سنتون ۽ آداب ٻڌون ٿيون: ٭ سمهڻ کان اڳ ۾ بستري کي چڱي طرح ڇنڊيو ته جيئن ڪا ايذاءُ ڏيندڙ شيء وغيره هجي ته نڪري وڃي ٭ سمهڻ کان اڳ هيءَ دعا پڙهي وٺو؛ اَللّٰھُمَّ بِاسْمِکَ اَمُوْتُ وَ اَحْیَا ٭ عصر کان پوءِ نه سمهو عقل ختم ٿيڻ جو ڊپ آهي۔ فرمان مصطفي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ؛ ”جيڪو شخص عصر کان پوءِ ستو ان جو عقل ختم ٿي ويو ته پاڻ کي ملامت ڪري۔“ (مسند ابي


 

 



[1]مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵