Book Name:Nekiyan Chupayye

جي نحوست ۾ پئجي سگهن ٿيون. (4) نيڪيون ظاهر ڪرڻ سان نيڪيون لڪائڻ جي ثواب کان محرومي ٿي سگهي ٿي. پڻ (5) جيڪي پنهنجون نيڪيون ظاهر ڪن ٿيون اهي رياڪاري جي تباهه ڪاري ۾ مبتلا ٿي سگهن ٿيون.

رياڪاريءَ جون تباه ڪاريون

ياد رکو! (1) رياڪاري ڪبيره گناھ، حرام ۽ جهنم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي. (2) رياڪاري الله پاڪ ۽ ان جي رسول جي ناراضگيءَ جو سبب آهي. (3) رياڪاري سان اعمال برباد ٿي ويندا آهن. (4) رياڪاري وارو عمل الله پاڪ جي بارگاھ ۾ قبول ناهي ٿيندو.

رِیا کاریوں سے سیاہ کاریوں سے                                                                     بچا یا الٰہی بچا یا الٰہی

(آدابِ طعام، ص۲۲۸)

گناهن کي به لڪايو

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! نيڪين کي لڪائڻ جي ترغيب ڏني وئي آهي، جڏهن ته گناهن کي لڪائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. نيڪين کي ته انڪري لڪايو ويندو آهي ته جيئن اهي تڪبر ۽ رياڪاري وغيره جي سبب ضايع نه ٿي وڃن جڏهن ته گناهن کي انڪري لڪايو ويندو آهي جو اهي پهريان ئي کان الله پاڪ جي ناراضگي جو سبب هوندا آهن ۽ انهن کي ظاهر ڪرڻ جرئت ۽ دليري آهي تنهنڪري ان جو اظهار هرگز نه ڪيو وڃي. فتاويٰ شامي ۾ آهي: اِظْهَارُ الْمَعْصِيَةِ مَعْصِيَةٌ يعني گناھ جو اظهار به گناھ آهي. (رد المحتار ،کتاب الصلاة ،مطلب اذا اَسلم المرتد ،۲/۶۵۰)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد