Nekiyan Chupayye

Book Name:Nekiyan Chupayye

ٿيندو. جڏهن اهو تصور قائم ٿيندو ته مان پنهنجي رب ڪريم جي فرمانن کي پڙهي رهي آهيان ته روئڻ نصيب ٿيندو. جڏهن اهو تصور قائم ٿيندو ته منهنجو رب مون سان هم ڪلام آهي ته روئڻ نصيب ٿيندو. جڏهن قرآنِ ڪريم کي سمجهي ڪري ترجمي ۽ تفسير سان پڙهنديون سين ته روئڻ نصيب ٿيندو. جڏهن الله پاڪ جي سخت پڪڙ، قيامت ۽ جهنم جي حالتن تي غور ڪنديون سين ته روئڻ نصيب ٿيندو.

رونے والی آنکھیں مانگو، رونا سب کا کام نہیں

ذکرِ محبت عام ہے لیکن سوزِ محبت عام نہیں

حڪايت

حضرت صالح مُري رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مون خواب ۾ حضورڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سامهو قرآنِ پاڪ جي تلاوت ڪئي ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن پڇيو: اي صالح! هي ته تلاوتِ قرآن آهي روئڻ ڪٿي آهي؟ (احیاء العلوم، ۱/۸۳۶)

نيڪيون لڪائڻ جي فضيلت

اسان جي هادي ۽ رهبر، محبوبِ اڪبر، مڪي مديني جي تاجور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم به اسان کي نيڪيون لڪائڻ جي ترغيب ڏياري آهي. جيئن ارشاد فرمايائون: توهان مان جيڪو به نيڪ عمل لڪائڻ جي استطاعت رکندو هجي ته ان کي گهرجي ته اهو ائين ئي ڪري (يعني پنهنجي نيڪ عملن کي لڪائي). (جامع صغیر، ص ۵۱۲،حدیث: ۸۴۰۵)(رسالہ نیکیاں چھپاؤ،ص۱۲)

 رحمت واري نبي، محمدِ عربي، صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو: اهو ذڪر جنهن کي محافظ ملائڪ به نه ٻڌي سگهن، ان ذڪر تي جنهن کي اهي ٻڌي سگهن، 70 درجا وڌيڪ فضيلت رکي ٿو. (کنز العمال،کتاب الاذکار،باب الاول فی الذکر وفضیلتہ، ۱/۲۲۷، جز:۱،حدیث:۱۹۲۵۔رسالہ نیکیاں چھپاؤ،ص۱۲)