Book Name:Nekiyan Chupayye

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

 بيانات ايپليڪيشن جو تعارف

          پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! الله ڪريم امتِ محمديه کي هردور ۾ اهڙيون باڪمال هستيون عطا فرمايون جن نه صرف پاڻ نيڪي جو حڪم ۽ برائي کان منع ڪرڻ جو مقدس فريضو احسن انداز ۾ ادا ڪيو بلڪ مسلمانن کي پنهنجي ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي اصلاح جي ڪوشش ڪرڻ جو ذهن ڏنو. انهن مان هڪ هستي شيخ طريقت، اميرِ اهلسنت، حضرت علامه مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَتْ بَـرَکَاتُهمُ الْعَالِيه  به آهن، کين جي اخلاص جي بدولت وڏي تيزي سان ماڻهو هن مدني تحريڪ جو حصو بڻجندا پيا وڃن. اَلْحَمْدُ لِلّٰه ڪروڙن جي تعداد ۾ ماڻهو اميراهلسنت جي فيضان سان فيضاب ٿئي رهيا آهن. اميراهلسنت جي نيڪي جي دعوت جي انهيءَ مقدس جذبي جي تحت دعوتِ اسلامي جي مجلسِ ”آئي ٽي“ موبائل استعمال ڪرڻ وارن اسلامي ڀائرن ۽ ڀينرن لاءِ مختلف موبائل ايپليڪيشن بڻايون آهن جن ۾ مختلف طريقن سان امتِ مسلمه جي رهنمائي ڪئي وئي آهي، هن ايپليڪيشنز ۾ بيانات جي هڪ ايپليڪيشن”Islamic Speeches“ به آهي. هن ايپليڪيشن ۾ مختلف موضاعات تي بيانات موجود آهن. هن ايپليڪيشن مان اسلامي ڀائرن سان گڏوگڏ اسلامي ڀينرون به فائدو وٺي سگهن ٿيون. خاص طور تي هي ايپليڪيشن امام ۽ خطيب حضرات لاءِ انمول تحفو آهي، ڇوته هن ۾ مختلف موضوعات تي تيار ٿيل بيانات تحريري صورت ۾ موجود آهن. اڄ ئي هن ايپليڪيشن کي ڊائون لوڊ ڪري پنهنجي موبائل جي زينت بڻايو.

اللہ کرم ایسا کرے تجھ پہ جہاں میں              اے دعوتِ اسلامی تری دھوم مچی ہو

بيان جو خلاصو