Book Name:Nekiyan Chupayye

نيڪيون لڪائڻ جو جذبو  پيدا ڪرڻ جا ڪجھ طريقا

(1) نيڪيون لڪائڻ جو جذبو پيدا ڪرڻ جي لاءِ سچي دل سان بارگاھ الٰهي ۾ ٻاڏائي دعا گھرو، ڇوته دعا جي برڪت سان بگڙيل ڪم  سنورجي ويندا آهن۔ (2) نيڪيون لڪائڻ جو جذبو پيدا ڪرڻ جي لاءِ نيڪيون لڪائڻ جي فضيلتن جو مطالعو ڪريو۔ (3) نيڪيون لڪائڻ جو جذبو پيدا ڪرڻ جي لاءِ بزرگانِ دين رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡهمْ اَجْمَعِين جي سيرت جي اخلاص سان ڀرپور ايمان افروز واقعن کي هر هر پڙھو۔ (4) نيڪيون لڪائڻ جو جذبو پيدا ڪرڻ جي لاءِ اخلاص سان عمل ڪرڻ وارين کي ملندڙ نعمتن کي تصور ۾ آڻيو۔ (5) نيڪيون لڪائڻ جو جذبو پيدا ڪرڻ جي لاءِ رياڪاري جي تباھ ڪارين کي هر هر پڙھو۔ (6) نيڪيون لڪائڻ جو جذبو پيدا ڪرڻ جي لاءِ مدني چينل تي نشر (Telecast) ٿيندڙ مختلف پروگرام ڏسڻ يا ٻڌڻ جي عادت بڻايو۔ (7) نيڪيون لڪائڻ جو جذبو پيدا ڪرڻ جي لاءِ هفتيوار سنتن ڀري اجتماع ۾ پابندي سان شرڪت ڪريو۔ (8) نيڪيون لڪائڻ جو جذبو پيدا ڪرڻ جي لاءِ مدني انعامات جو رسالو ڀري هر اسلامي مهيني جي پهرين تاريخ تي پنهنجي ذمه داره اسلامي ڀيڻ کي جمع ڪرائڻ جو معمول بڻايو۔ (10) نيڪيون لڪائڻ جو جذبو پيدا ڪرڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول اسلامي ڀينرن جي صحبت اختيار ڪريو۔

نیکیاں چھپاو “ مڪتبة المدينہ جو هڪ نهايت ئي پيارو رسالو آهي جنهن ۾ نيڪيون لڪائڻ جي باري ۾ آياتِ ڪريمه، احاديثِ مبارڪه، الله ڪريم جي نيڪ ٻانهن جا واقعا، اصلاح جو بهترين طريقو، نيڪين جي اظهار جون جائز صورتون، مخلص هئڻ جون علامتون ڪهڙيون آهن؟ ۽ تمام گهڻي معلومات لکيل آهي.

خوب مخلص بنوں،میں ریا سے بچوں           ہو نگاہِ کرم ، تاجدارِ حرم

(وسائلِ بخشش مرمم،ص۲۴۹)